Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 17:25 - Hindu Sindhi Bible

25 پر پهريائين منش‌پتر کي ڪيتريون ئي سختيون سهڻيون پونديون ۽ هن زماني جي ماڻهن کان رد ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 پر پهريائين هو گهڻيون سختيون سهندو، ۽ هن زماني ۾ رد ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 پر پهريائين ابنِ آدم کي ڪيتريون ئي سختيون سهڻيون پونديون ۽ هن زماني جي ماڻهن کان رد ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

25 परअ हा पहेरयों इयो ज़रूरी आहे, के उहो डा॒ढिन तकलिफुन मां वञे ऐं इन पीढ़ीअ जा मांणू हुन खे तुच्छ समझी करे ठुकराएन।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 پر پھريائين ھن کي ڪيتريون ئي سختيون سھڻيون پونديون ۽ ھن زماني جي ماڻھن کان رد ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 17:25
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وقت کان وٺي يسوع پنهنجي چيلن کي ظاهر ڪري ٻڌائڻ لڳو تہ ”اهو ضروري آهي جو آءٌ يروشلم وڃان ۽ اتي سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن جون گھڻيون سختيون سهان. مون کي ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيوت ڪري اٿاريو وڃان.“


يسوع انهن کي چيو تہ ”ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ ڪڏهن اهو نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي. اهو پرميشور جي طرفان ڪيو ويو آهي، اها اسان لاءِ ڪهڙي نہ عجيب ڳالهہ آهي!‘“


يسوع چين تہ ”ڏسو، هاڻي اسين يروشلم ڏانهن هلي رهيا آهيون، جتي منش‌پتر سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين جي حوالي ڪيو ويندو. اهي سندس موت جي سزا جو فيصلو ڏيندا ۽ کيس غير قوم وارن جي حوالي ڪندا.


ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ هي نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.


يسوع پنهنجي چيلن کي سکيا ڏيندي چيو تہ ”منش‌پتر لاءِ ضروري آهي تہ هو گھڻيون سختيون سهي، سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن کان رد ڪيو وڃي، کيس ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيوت ٿي اُٿي.“


ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي چيلن کي سکيا ڏيندي ٻڌايو پئي تہ ”منش‌پتر ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس ماريندا ۽ ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ٿي اٿندو.“


يسوع پنهنجي ٻارهن چيلن کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ انهن کي چيائين تہ ”ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن هلي رهيا آهيون ۽ منش‌پتر بابت جيڪي ڳالهيون سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت لکيون ويون آهن، سي سڀيئي اتي پوريون ٿينديون.


اهي کيس ڪوڙا هڻندا ۽ قتل ڪري ڇڏيندا، پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ٿي اٿندو.“


کين چيائين تہ ”پوِتر شاستر ۾ هيئن لکيل آهي تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ ٽئين ڏينهن تي مئلن مان جيوت ٿي اٿندو.


يسوع چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”منش‌پتر لاءِ ضروري آهي تہ هو گھڻيون سختيون سهي، سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن کان رد ڪيو وڃي، کيس ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي ايشور کيس وري جيوت ڪري اٿاري.“


هو پنهنجن وٽ آيو، پر پنهنجن کيس قبول نہ ڪيو.


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪو سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي لکت ۾ آهي سو پورو ٿئي تہ ”اي پرميشور! اسان جي سنديش تي ڪنهن وشواس ڪيو؟ ۽ ڪنهن تنهنجي ٻانهن جو زور سڃاتو؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ