Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 17:24 - Hindu Sindhi Bible

24 ڏسو، منش‌پتر پنهنجي موٽي اچڻ وقت ائين ظاهر ٿيندو، جيئن کِنوڻ آڪاش ۾ هڪڙي طرف چمڪندي آهي ۽ سندس چمڪاٽ هر طرف ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ڇالاءِ تہ جيئن وڄ آسمان جي هڪڙي طرف کان کنوندي ٻي طرف وڃيو چمڪاٽ ڪري، تيئن ابن آدم بہ پنهنجي ڏينهن ظاهر ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 ڏسو، ابنِ آدم پنهنجي موٽي اچڻ وقت ائين ظاهر ٿيندو، جيئن کِنوڻ آسمان ۾ هڪڙي طرف چمڪندي آهي ۽ سندس چمڪاٽ هر طرف ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

24 छोके जीअं बिजली आसमानअ जे हिकअ छेडे़ खां वठी बे॒ छेड़े ताईं चमकंदी आहे, उअं ही मांणूअ जो पुट बी पांजे डी॒ंहन में प्रघट थींदो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 ڇالاءِ⁠جو جيئن کنوڻ آسمان ۾ ھڪڙي طرف کنوندي آھي ۽ چمڪاٽ ٻئي طرف ڪندي آھي، تيئن ابن⁠آدم بہ پنھنجي ڏينھن ۾ ائين ظاھر ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 17:24
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منش‌پتر جو موٽي اچڻ ان چمڪندڙ کِنوڻ وانگر هوندو، جيڪا سڄي آڪاش ۾ اوڀر کان اولهہ تائين ڏسڻ ۾ ايندي آهي.


ان وقت منش‌پتر جي نشاني آڪاش ۾ ظاهر ٿيندي. تنهن تي ڌرتيءَ جي سڀني قومن ۾ ماتم مچي ويندو ۽ هو منش‌پتر کي وڏي شڪتيءَ ۽ شان وَ شوڪت سان آڪاش وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسنديون.


”جڏهن منش‌پتر پنهنجي شان وَ شوڪت سان ايندو ۽ سڀ دوت ساڻس گڏ هوندا، تڏهن هو راجا جي حيثيت سان پنهنجي تيج واري تخت تي ويهندو


تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ، بلڪ آءٌ اوهان سڀني کي چوان ٿو تہ هاڻي کان پوءِ اوهين منش‌پتر کي سروِشڪتيوان جي ساڄي پاسي تي ويٺل ڏسندا ۽ کيس آڪاش وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسندا.“


ڪوبہ ماڻهو ڏيئو ٻاري ڍڪڻ هيٺان نہ ٿو رکي، پر هو ان کي ڏياٽيءَ تي ٿو رکي جتان گھر جي هر هڪ ڀاتيءَ کي روشني پهچي ٿي.


اسان جو پرڀو يسوع مسيح اوهان کي پڇاڙيءَ تائين وشواس ۾ قائم بہ رکندو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهين سندس اچڻ واري ڏينهن تي بي‌الزام قرار ڏنا وڃو.


ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ پرڀو يسوع جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن ائين اوچتو ايندو جيئن رات جو ڪو چور ٿو اچي.


اوهين ايترو جلدي پنهنجن خيالن ۾ ڊانوانڊول نہ ٿجو، نڪي اوهين پريشان ٿجو جڏهن ماڻهو اهو چون تہ پرڀو يسوع جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن اڳي ئي اچي چڪو آهي، توڙي جو هو دعويٰ ڪن تہ اها سڌ پوِتر آتما کان، يا ڪنهن سنديش مان يا وري اسان وٽان آيل ڪنهن خط مان پيئي آهي.


تنهن کان پوءِ اهو وڳوڙي ظاهر ٿيندو، جنهن کي پرڀو يسوع پنهنجي وات جي ڦوڪ سان ماري وجھندو، بلڪ پنهنجي اچڻ جي تجلي سان ئي کيس چٽ ڪري ڇڏيندو.


اوهين بہ ڌيرج ڪريو ۽ ثابت قدم رهو، ڇاڪاڻ تہ پرڀو يسوع جو اچڻ ويجھو آهي.


ياد رکو، پرميشور جو ڏينهن چور وانگر اوچتو ايندو. انهيءَ ڏينهن جڏهن آڪاشي شيون سخت باهہ جي ڪري ڳري ناس ٿي وينديون، تڏهن آڪاش وڏي ڪڙڪي سان ختم ٿي ويندا ۽ ڌرتي ۽ جيڪي ڪجھہ مٿس آهي سو سڀ سڙي ناس ٿي ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ