Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 17:2 - Hindu Sindhi Bible

2 منهنجي سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪو پاپ ڏانهن ڌُتاري ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 هنن ننڍڙن مان هڪڙي کي بہ جيڪو گمراهہ ٿو ڪري، تنهن کان هن جي لاءِ چڱو هيئن ٿيندو، تہ جنڊ جو پڙ سندس ڳچيءَ ۾ لڙڪائي هن کي سمنڊ ۾ کڻي اُڇلائجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 منهنجي سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪو گناهہ ڏانهن ڌُتاري ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

2 जेके बी मुंजे मथां विश्वास कन ता, उनन मां कें नंढे जे लाए बी अगर कोई पाप करण जो कारण ठए तो, त उन जे लाए इयो सुठो आहे, के हिक वडो॒ चक्‍कीअ जो पाट, उन जे गले में लटकाए उन खे सम्डअ में विधो वञे।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي جيڪو گناھہ ڏانھن ڌُتاري ٿو، تنھن لاءِ چڱو ائين ٿيندو تہ پنھنجي ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پُڙ وجھي سمنڊ ۾ ٽپو ڏيئي ٻڏي مري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 17:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اسين هنن ٽيڪس اُڳاڙيندڙن کي ناراض ڪرڻ نہ ٿا چاهيون. تنهنڪري تون وڃي ڍنڍ ۾ ڪُنڍي وجھہ. جيڪا پهرين مڇي ڦاسي ان جي وات ۾ چانديءَ جو هڪ وڏو سڪو ڏسندين. اهو کڻي وڃي منهنجي ۽ پنهنجي پاران هنن کي هيڪل جي ٽيڪس طور ڏي.“


”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آڪاش ۾ هنن جا دوت هر وقت منهنجي آڪاش واري پتا جي شرڻ ۾ حاضر رهن ٿا.


ساڳيءَ طرح اوهان جو آڪاش وارو پتا نہ ٿو چاهي تہ هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪو هڪڙو بہ ڀَٽڪي وڃي.“


منش‌پتر تہ ائين ئي مرندو، جيئن پوِتر شاستر ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي ان تي جيڪو منش‌پتر کي پڪڙائيندو. ان ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو سنسار ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“


”انهن سادن سٻاجھن پوئلڳن جن جو مون تي وشواس آهي، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪڏهن ڪو ڀَٽڪائي ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين هو جو انهيءَ کان اڳ ۾ ئي سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي ها.


جڏهن هو نيرن ڪري چڪا تڏهن يسوع شمعون پطرس کان پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان هنن کان وڌيڪ پيار ڪرين ٿو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو پرڀو! اوهين ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”منهنجي گھيٽڙن کي وڃي چار.“


پر مون انهن مان ڪوبہ حق استعمال ڪونہ ڪيو آهي، نڪي آءٌ هي انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان تہ اهڙيون شيون مون کي ملن. آءٌ ان کان پهريائين مرڻ بهتر سمجھان ٿو تہ متان ڪو مون کان اهو فخر کسي وٺي.


ڪمزور ضمير وارن لاءِ آءٌ انهن جهڙو ڪمزور بڻيس تہ جيئن کين هٿ ڪريان. مطلب تہ جيڪو جهڙو هو تنهن لاءِ آءٌ تهڙو بڻيس، تہ جيئن ڪنهن نہ ڪنهن نموني آءٌ ڪن کي بچايان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ