Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 16:9 - Hindu Sindhi Bible

9 يسوع وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ سنساري دولت سان دوست پيدا ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن اها دولت کُٽي وڃي تڏهن امر گھر ۾ اوهان جي آجيان ڪئي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ ناراستيءَ جي دولت سان پنهنجي لاءِ دوست پيدا ڪري ڇڏيو، تہ جڏهن اُها کٽي وڃي، تڏهن اُهي اوهان کي مدامي مڪانن ۾ قبول ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ دنياوي دولت سان دوست پيدا ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن اها دولت کُٽي وڃي تڏهن دائمي گھر ۾ اوهان جي آجيان ڪئي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

9 इन करे मां तवां खे चवां तो, इन सांसारिक धनअ सां पांजे लाए दोस्तअ ठायो, छोके जड॒ऐं तवां इन संसारअ खे छडे॒ वेंदओ, त इया दौलतअ तवां जे कें बी कमअ जी न रवंदी, तड॒ऐं इहे ही दोस्तअ तवां जो अनंत घरन में स्वागत कंदा।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ٺڳيءَ جي ڪمائيءَ سان دوست پيدا ڪريو، انھيءَ لاءِ تہ جڏھن اھا دولت کُٽي وڃي تڏھن دائمي گھرن ۾ اھي اوھان جي آجيان ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 16:9
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع هن کي چيو تہ ”جيڪڏهن تون ڪامل ٿيڻ گھرين ٿو تہ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ دان ڪر، تڏهن ايشور وٽ تو کي خزانو ملندو. سو دان ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“


”اوهين هن سنسار ۾ پنهنجي لاءِ خزانو گڏ نہ ڪريو، جتي ڪينئان ۽ ڪٽ ان کي تباهہ ڪن ٿا ۽ چور کاٽ هڻي چوري ڪن ٿا.


”ڪوبہ ماڻهو هڪ ئي وقت ٻن مالڪن جي غلامي ڪري نہ ٿو سگھي. هو هڪڙي سان پريم تہ ٻئي سان نفرت ڪندو، يا هڪڙي سان وفادار رهندو تہ ٻئي کي خسيس ڄاڻيندو. سو اوهين ايشور ۽ دولت ٻنهي جي هڪ ئي وقت غلامي ڪري نہ ٿا سگھو.


پر هائو، جيڪو ڪجھہ اوهان جي وٽين ۽ ٿالهين ۾ آهي سو غريبن ۾ دان ڪندا تہ اوهان لاءِ سڀ ڪجھہ پوِتر ٿي پوندو.


سو جيڪي اٿوَ سو وڪڻي غريبن کي دان ۾ ڏيو ۽ پنهنجي لاءِ اهڙيون ڳوٿريون ٺاهيو جيڪي پئي پراڻيون نہ ٿين، يعني ايشور وٽ پنهنجي لاءِ اهڙو خزانو گڏ ڪريو جيڪو کُٽي ئي نہ، جنهن کي نہ چور ويجھو اچي ۽ نہ ڪينئون ٽُڪي خراب ڪريس،


تہ تون سڀاڳو ٿيندين، ڇاڪاڻ تہ انهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي جنهن سان تو کي دعوت ڏيئي تنهنجو ٿورو لاهين. پر تو کي قيامت ۾ ان نيڪيءَ جو لاڀ ضرور ملندو.“


سو جيڪڏهن اوهين هن سنساري دولت ۾ ايماندار نہ آهيو تہ ڪير اوهان تي اعتبار ڪري اوهان کي سچي دولت ڏيندو؟


ڪوبہ غلام هڪ ئي وقت ٻن مالڪن جي غلامي ڪري نہ ٿو سگھي. هو هڪڙي سان پريم تہ ٻئي سان نفرت ڪندو، يا هڪڙي سان وفادار رهندو تہ ٻئي کي خسيس ڄاڻيندو. سو اوهين ايشور ۽ دولت ٻنهي جي هڪ ئي وقت غلامي ڪري نہ ٿا سگھو.“


سو هاڻي اهڙو ڪم ٿو ڪريان جو جڏهن منهنجي نوڪري ختم ٿئي تہ ماڻهو مون کي پنهنجي گھر ۾ اچڻ ڏين.‘


هن مون کي چيو تہ ’اي ڪُرنيليس! ايشور تنهنجيون پرارٿنائون ٻڌيون آهن ۽ تنهنجا دان قبول ڪيا ويا آهن.


هن دوت ڏانهن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سوامي؟“ دوت چيس تہ ”ايشور تنهنجيون پرارٿنائون ۽ دان قبول ڪيا آهن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس.


ڇاڪاڻ تہ جيڪا مصيبت اسين سهون ٿا سا خسيس ۽ ٿوري دير جي لاءِ آهي. اها اسان لاءِ هڪ اهڙي زبردست ۽ امر جوت پيدا ڪندي ٿي وڃي جنهن جي ڀيٽ ۾ هيءَ مصيبت ڪجھہ بہ ناهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ