Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 16:2 - Hindu Sindhi Bible

2 تنهن تي شاهوڪار منشيءَ کي گھرائي چيو تہ ’تنهنجي باري ۾ آءٌ هي ڇا پيو ٻڌان؟ پنهنجي مُنشيگيريءَ جو سڄو حساب ڪتاب ڏي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي اڳتي پنهنجو منشي رکي ڪين سگھندس.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ هن سڏي چيس تہ هي تنهنجي بابت ڇا پيو ٻُڌان؟ پنهنجيءَ گماشتگيريءَ جو حساب ڏي، جو اڳتي آئون توکي گماشتو رکي ڪين سگهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تنهن تي شاهوڪار منشيءَ کي گھرائي چيو تہ ’تنهنجي باري ۾ آءٌ هي ڇا پيو ٻڌان؟ پنهنجي مُنشيگيريءَ جو سڄو حساب ڪتاب ڏي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي اڳتي پنهنجو منشي رکي ڪين سگھندس.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

2 इन ते उन शाहूकारअ पांजे भण्डारीअ खे सड॒ करे पुछयईंस, ‘इयो मां तुंजे बारे में छा तो बु॒धां? पांजे भण्डारीपनअ जो हिसाब-किताब डे॒, छोके अग॒यां खां तूं मुंजो भण्डारी न रवंदे।’

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 تنھن تي شاھوڪار منشيءَ کي گھرائي چيو تہ ’تنھنجي باري ۾ آءٌ ھي ڇا پيو ٻڌان؟ پنھنجي منشگيريءَ جو سڄو حساب ڪتاب ڏي، ڇالاءِ⁠جو آءٌ تو کي اڳتي پنھنجو منشي رکي ڪين سگھندس.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 16:2
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن هر هڪ کي پنهنجي بيڪار ڳالهايل لفظن جو حساب ڏيڻو پوندو.


جڏهن سانجھي ٿي تہ مالڪ پنهنجي منشيءَ کي چيو تہ ’مزدورن کي سڏي کين مزدوري ڏي. پهريائين انهن کي ڏيڻ شروع ڪر جيڪي پڇاڙيءَ ۾ ڪم تي بيٺا هئا ۽ پڇاڙيءَ ۾ انهن کي ڏي جيڪي پهريائين ڪم تي بيٺل هئا.‘


پر ايشور چيس تہ ’اي مورک! اڄوڪي رات ئي تنهنجي جان ورتي ويندي، پوءِ جيڪي گڏ ڪري رکيو اٿيئي سو ڪنهن جو ٿيندو؟‘“


پرڀوءَ جواب ۾ چيو تہ ”اهو وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي وقت تي کاڌو پاڻي پهچائي؟


پوءِ يسوع چيلن کي مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن شاهوڪار وٽ هڪڙو منشي هوندو هو. ڪن ماڻهن شاهوڪار کي ٻڌايو تہ ’منشي تنهنجي دولت اُڏائي ٿو.‘


تڏهن منشي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’پوءِ آءٌ ڇا ڪندس؟ ڇاڪاڻ تہ منهنجو مالڪ تہ مون کي مُنشيگيريءَ مان ڪڍي ٿو. ڪوڏر هڻڻ جي تہ مون ۾ طاقت ڪانهي ۽ پنڻ کان بہ مون کي شرم ٿو اچي.


مطلب تہ اسان مان هر هڪ ايشور کي پنهنجو پنهنجو حساب ڏيندو.


آءٌ هي انهيءَ ڪري ٿو چوان جو ڀيڻ خلوئيءَ جي گھر ۾ رهندڙن کان پوريءَ طرح خبر پيئي آهي تہ اوهان ڀائرن ڀينرن جا هڪٻئي سان جھيڙا جھڳڙا پيا هلن.


هاڻ جنهن کي ڪا شيءِ سونپي ويندي آهي تنهن لاءِ ضروري آهي تہ هو ايماندار هجي.


تنهنڪري پرڀو يسوع جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن ايشور جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي ساراهہ ڪئي ويندي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسان سڀني کي مسيح جي عدالت اڳيان پيش ٿيڻو آهي، تہ جيئن هر ڪنهن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي، جيڪي هن شرير ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اهي چڱا هجن يا بڇڙا.


جيڪو وردان تو کي ايشور جي فرمان جي وسيلي وشواسي منڊليءَ جي اڳواڻن جي هٿن رکڻ سان مليو هو، تنهن کان لاپرواهي نہ ڪر.


هيءَ ڳالهہ ياد رک تہ ڪن ماڻهن جا پاپ سندن عدالت ۾ پهچڻ کان اڳي ئي صاف ظاهر ٿا ٿين، پر ڪن جا پاپ بعد ۾ ظاهر ٿيو پون.


هر ماڻهوءَ کي جيڪو وردان مليو آهي سو انهيءَ وردان کي، ايشور جي ڪرپا جي مختلف وردانن جو چڱو ذميوار ٿي هڪٻئي جي سيوا لاءِ ڪم آڻي.


پر کين ايشور کي حساب ڏيڻو پوندو، جيڪو جيوت ماڻهن توڙي مئلن جي عدالت ڪرڻ لاءِ تيار آهي.


مون سڀني مئلن، ننڍن توڙي وڏن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو. پوءِ هڪ شاستر، يعني جيون شاستر کوليو ويو. اُن سان گڏ ٻيا شاستر بہ کوليا ويا ۽ جهڙيءَ طرح انهن شاسترن ۾ لکيل هو، تهڙيءَ طرح مئلن جي عملن موجب سندن فيصلو ڪيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ