Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 16:1 - Hindu Sindhi Bible

1 پوءِ يسوع چيلن کي مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن شاهوڪار وٽ هڪڙو منشي هوندو هو. ڪن ماڻهن شاهوڪار کي ٻڌايو تہ ’منشي تنهنجي دولت اُڏائي ٿو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 هن شاگردن کي هيئن بہ چيو تہ ڪنهن شاهوڪار ماڻهوءَ جو هڪڙو گماشتو هو؛ جنهن تي ڪنهن اچي هن وٽ دانهن ڏني، تہ هو تنهنجو مال پيو لُٽي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ عيسيٰ شاگردن کي مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن شاهوڪار وٽ هڪڙو منشي هوندو هو. ڪن ماڻهن شاهوڪار کي ٻڌايو تہ ’منشي تنهنجي دولت اُڏائي ٿو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

1 येशुअ पांजे चेलन खे इयो बी मिसाल ड॒ई चयईं, “कें शाहूकारअ जो हिक भण्डारी हुयो। कुछ मांणुन उन शाहूकारअ खे अची बु॒धायो के तुंजो हे भण्डारी तुंजी दौलतअ खे गलत तरीके सां उडा॒ए रयो आहे।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”ڪنھن شاھوڪار وٽ ھڪڙو منشي ھوندو ھو. ڪن ماڻھن شاھوڪار کي ٻڌايو تہ ’منشي تنھنجي دولت اڏائي ٿو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 16:1
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن سانجھي ٿي تہ مالڪ پنهنجي منشيءَ کي چيو تہ ’مزدورن کي سڏي کين مزدوري ڏي. پهريائين انهن کي ڏيڻ شروع ڪر جيڪي پڇاڙيءَ ۾ ڪم تي بيٺا هئا ۽ پڇاڙيءَ ۾ انهن کي ڏي جيڪي پهريائين ڪم تي بيٺل هئا.‘


پرڀوءَ جواب ۾ چيو تہ ”اهو وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي وقت تي کاڌو پاڻي پهچائي؟


اڃا ڪجھہ ڏينهن ئي مس گذريا تہ ننڍو پٽ پنهنجو سڀ ڪجھہ ميڙي چونڊي ڪنهن ڏورانهين ملڪ جي سير تي نڪتو. اتي عيش عشرت ۾ پنهنجي سموري ملڪيت اُڏائي ڇڏيائين.


جڏهن تہ اوهان جو هي پٽ، جنهن وئشيائن ۾ اوهان جي ملڪيت اڏائي ڇڏي، سو هاڻي آيو آهي تہ هن لاءِ ٿلهو متارو جانور ڪٺو اٿوَ.‘


يسوع مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن زماني ۾ هڪڙو شاهوڪار ماڻهو هوندو هو، جيڪو تمام عمدا ۽ قيمتي ڪپڙا پهريندو هو ۽ روزانو طرح طرح جا طعام کائي موجون ماڻيندو هو.


تنهن تي شاهوڪار منشيءَ کي گھرائي چيو تہ ’تنهنجي باري ۾ آءٌ هي ڇا پيو ٻڌان؟ پنهنجي مُنشيگيريءَ جو سڄو حساب ڪتاب ڏي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي اڳتي پنهنجو منشي رکي ڪين سگھندس.‘


ٻيو هڪڙو آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! ڏسو، هي آهي اوهان جو سونو سڪو. مون اهو رومال ۾ ٻڌي سنڀالي رکيو آهي،


يوعانا، جيڪا راجا هيروديس انتپاس جي صلاحڪار خوزا جي پتني هئي، سوسنا ۽ ٻيون بہ ڪيتريون ناريون هيون جن پنهنجي مال‌متاع سان يسوع ۽ سندس ٻارهن چيلن جي سيوا پئي ڪئي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ سنڀاليندڙ کي جيئن تہ منڊليءَ ۾ ايشور جي وس هيٺ ذميواري سونپي ويئي آهي، تنهن لاءِ لازمي آهي تہ هن تي ڪا تهمت نہ هجي. هو نہ هٺيلو هجي، نہ چيڙاڪ، نہ نشئي هجي، نہ مار ڪٽ ڪندڙ ۽ نہ وري لالچي هجي.


پر جڏهن اوهين کانئس گھرو بہ ٿا تڏهن بہ ڪونہ ٿو مليوَ، ڇو تہ اوهين بري نيت سان ٿا گھرو، تہ جيئن پنهنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو.


هر ماڻهوءَ کي جيڪو وردان مليو آهي سو انهيءَ وردان کي، ايشور جي ڪرپا جي مختلف وردانن جو چڱو ذميوار ٿي هڪٻئي جي سيوا لاءِ ڪم آڻي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ