Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 15:22 - Hindu Sindhi Bible

22 پر سندس پتا نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’جلدي ڪريو، سٺي ۾ سٺو وڳو کڻي اچي پهرايوس، سندس هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 پر پڻس نوڪرن کي چيو، تہ جلدي اُچي ۾ اُچو وڳو کڻي آڻي پهرايوس؛ ۽ هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جُتي پارايوس:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 پر پڻس نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’جلدي ڪريو، سٺي ۾ سٺو وڳو کڻي آڻي پهرايوس، سندس هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

22 परअ उन पिता पांजे नौकरन खे चयईं, ‘झट कयो, सुठे में सुठा कपड़ा खणी अचो ऐं हिन खे पारायो ऐं संदस जे हथअ में मुंडी ऐं पेरन में जूता बी पारायोस,

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 پر پڻس نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’جلدي ڪريو سٺي ۾ سٺو وڳو کڻي آڻي پھرايوس، سندس ھٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 15:22
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن پٽ چيس تہ ’اي پتا! آءٌ ايشور جو ۽ اوهان جو ڏوهاري آهيان ۽ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهان جو پٽ سڏايان.‘


هڪڙو ٿلهو متارو جانور آڻي ڪهو ۽ اچو تہ کائي پي خوشيون ملهايون،


اٽلندو پرڀو يسوع مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪي ڇڏيو ۽ شرير جي خواهشن جي پورائيءَ لاءِ خيال نہ پچايو.


جيڪا سچائي هاڻي ظاهر ٿي آهي سا هيءَ آهي تہ ايشور انهن سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو جيڪي يسوع مسيح تي وشواس آڻين ٿا، پوءِ اهي يهودي هجن توڙي غير يهودي. اهي سڀ هڪ جهڙا آهن،


ڏسو، اوهان کي اها آتما نہ ملي آهي جيڪا اوهان کي وري ڊپ جو غلام بڻائي. پر اوهان کي اها آتما ملي آهي جنهن جي وسيلي اوهين ايشور جا ٻار مقرر ڪيا ويا آهيو. انهيءَ آتما جي ڪري اسين سڀيئي ايشور کي ”پتا، اي پتا!“ ڪري ٿا پڪاريون.


اوهان سڀني مسيح جا ٿيڻ جي بپتسما وٺي مسيح کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو آهي.


پنهنجي پيرن ۾ ميل ميلاپ واري خوشخبريءَ جي جتي پائي تيار رهو.


هن کي سنهي وٽيل سڻيءَ جا صاف سٿرا ۽ چمڪندڙ ڪپڙا پائڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. انهن عمدن ڪپڙن مان مراد مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سچائيءَ وارا ڪم آهن.“


جنهن کي ڪن آهن سو پوِتر آتما جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي اها وشواسي منڊلين کي فرمائي ٿي. جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو تنهن کي آءٌ لڪل مَنَ مان ڪجھہ ڏيندس ۽ هڪڙو اڇو پٿر بہ ڏيندوسانس. انهيءَ پٿر تي هڪڙو نئون نالو لکيل هوندو، جنهن کي ٻيو ڪوبہ نہ ڄاڻيندو، سواءِ انهيءَ جي جنهن کي ملندو.“


تنهنڪري آءٌ اوهان کي صلاح ٿو ڏيان تہ باهہ ۾ صاف ٿيل نج سون مون کان خريد ڪريو تہ دولتمند ٿيو ۽ اڇا ڪپڙا بہ وٺو تہ پنهنجي اوگھڙ ڍڪي شرمسار نہ ٿيو. پنهنجي اکين لاءِ سرمو وٺو تہ ڏسي سگھو.


تڏهن انهن مان هر هڪ کي اڇو جبو پارايو ويو ۽ کين چيو ويو تہ ”اوهين اڃا ٿوري وقت تائين آرام ڪريو، جيستائين اوهان سان گڏ سيوا ڪندڙن ۽ اوهان جي ٻين ڀائرن ڀينرن جو تعداد پورو نہ ٿئي، جيڪي اوهان وانگر قتل ڪيا ويندا.“


انهن ڳالهين کان پوءِ ڇا ڏسان تہ هڪ وڏو ميڙ آهي، جنهن کي ڪوبہ ڳڻي نہ ٿي سگھيو! اهو هر قوم، قبيلي، ذات ۽ هر ٻوليءَ مان هو. اهي اڇو جبو پايو، کجيءَ جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽڙي جي اڳيان بيٺا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ