Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 15:2 - Hindu Sindhi Bible

2 تڏهن فريسي ۽ نيم شاستري پاڻ ۾ سُس پُس ڪرڻ لڳا تہ ”ڏسو، هي تہ پاپين جي بہ آجيان ٿو ڪري ۽ ساڻن گڏ ٿو کائي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ فريسي توڙي فقيهہ سُر پُر ڪري چوڻ لڳا، تہ هيءُ ماڻهو گنهگارن کي پاڻ وٽ اچڻ ۽ گڏ کائڻ ٿو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن فريسي ۽ شريعت جا عالم پاڻ ۾ سُس پُس ڪرڻ لڳا تہ ”ڏسو، هي تہ گنهگارن جي بہ آجيان ٿو ڪري ۽ ساڻن گڏ ٿو کائي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

2 इयो डि॒सी फ़रीसी ऐं धर्मशास्त्री कुड़कुड़ाए करे इंय चवण लगा॒, “हे त पापिन सां गड॒ मेल-झोल तो रखे ऐं उनन सां गड॒ रोटी बी तो खाए।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 تنھن تي فريسي ۽ شريعت جا عالم پاڻ ۾ سس⁠پس ڪرڻ لڳا تہ ”ھي يار تہ گنھگارن جي بہ آجيان ٿو ڪري ۽ کين پاڻ سان گڏ ٿو کارائي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 15:2
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر منش‌پتر کائيندو پيئندو ٿو رهي، تڏهن بہ ماڻهو چون ٿا تہ ’ڏسو، هو پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي پاپين جو دوست آهي.‘ پر ياد رکو، ڪمن جي ڦل مان ئي ايشور جي ڏاهپ سچي ثابت ٿئي ٿي.“


فريسين اهو ڏسي يسوع جي چيلن کي چيو تہ ”اوهان جو گرو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ پاپين سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“


تنهن تي يسوع انهن کي هڪڙو مثال ڏنو تہ


اهو ڏسي سڀيئي ڪُرڪندي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، هو هڪڙي پاپيءَ جي گھر رهيو آهي.“


تڏهن ڪن فريسين ۽ سندن نيم شاسترين ڪُرڪندي يسوع جي چيلن کي چيو تہ ”ڇو اوهين ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ پاپين سان گڏ کائو پيئو ٿا؟“


پر منش‌پتر کائيندو پيئندو ٿو رهي تڏهن بہ اوهين چئو ٿا تہ ’ڏسو، هي پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي پاپين جو ساٿي آهي.‘


تنهن تي فريسي، جنهن يسوع جي رسوئي ڪئي هئي سو هي ڏسي پنهنجي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏهن هي شخص ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت هجي ها تہ جيڪر سڃاڻي وٺي ها تہ هيءَ ناري جيڪا کيس هٿ ٿي لائي سا ڪهڙي قسم جي آهي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ تہ پاپڻ آهي!“


”جن جو ختنو ئي ٿيل ناهي تن جي گھر ۾ تون نہ رڳو مهمان هئين، بلڪ تو انهن سان گڏ کاڌو پيتو بہ آهي.“


ڳالهہ اها هئي جو هو غير يهودين سان کائيندو پيئندو هو، پر جڏهن يعقوب وٽان ڪي ماڻهو آيا تڏهن هو غير يهودين سان کائڻ پيئڻ ڇڏڻ لڳو، بلڪ انهن کان ڌار ٿيڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هو انهن ماڻهن کان ڊنو ٿي جيڪي ختنو ڪرائڻ لاءِ زور ڀريندا هئا.


اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي ۽ پوريءَ طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي تہ يسوع مسيح پاپين کي مڪتي ڏيڻ لاءِ سنسار ۾ آيو، جن ۾ سڀني کان وڏو پاپي آءٌ آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ