Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 13:33 - Hindu Sindhi Bible

33 پر تڏهن بہ مون لاءِ ضروري آهي تہ آءٌ اڄ، سڀاڻ ۽ پرينهن پنهنجو سفر جاري رکان، ڇاڪاڻ تہ ائين ٿي ئي نہ ٿو سگھي جو ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪو سنت يروشلم کان ٻاهر قتل ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 پر اڄ ۽ سڀاڻ ۽ پرينهن تہ مون کي پنهنجي واٽ هلڻي آهي: ڇالاءِ جو اها اڻ ٿيڻي آهي تہ ڪوبہ نبي يروشلم کان ٻاهر تباهہ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 پر تڏهن بہ مون لاءِ ضروري آهي تہ آءٌ اڄ، سڀاڻ ۽ پرينهن پنهنجو سفر جاري رکان، ڇاڪاڻ تہ ائين ٿي ئي نہ ٿو سگھي جو ڪو نبي يروشلم کان ٻاهر قتل ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

33 परअ तड॒ऐं बी मुंजे लाए इयो ज़रूरी आहे के अञा थोड़े समय जे लाए पांजो सफ़र जारी रखां, छोके इंय न थी सग॒ंदो आहे, के कोई भविष्यवक्‍ता यरूशलेम खां बा॒हिर मारयो वञे।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

33 پر تڏھن بہ آءٌ اڄ، سڀان ۽ پرينھن پنھنجو سفر جاري رکندس، ڇالاءِ⁠جو اھو غيرواجب آھي تہ ڪو نبي يروشلم کان ٻاھر قتل ڪيو وڃي.⁠⁠

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 13:33
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن هلي رهيا آهيون، جتي منش‌پتر سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي سندس موت جي سزا جو فيصلو ڏيندا.


ميڙ مان جواب آيو تہ ”هي گليل جي ڳوٺ ناصرت وارو سنديش ڏيندڙ سنت يسوع آهي.“


پر اتان جي ماڻهن يسوع جو ڳوٺ ۾ اچڻ قبول نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ سندس رخ يروشلم ڏانهن هو.


تنهنڪري يسوع انهيءَ ڏينهن کان پوءِ يهوديہ ۾ کُليو کُلايو گھمڻ ڇڏي ڏنو. پوءِ هو اتان رڻ‌پٽ جي ڀر واري علائقي ڏانهن هليو ويو ۽ افرائيم نالي هڪ ڳوٺ ۾ پنهنجي چيلن سان گڏ رهڻ لڳو.


يسوع وراڻيو تہ ”ڇا ڏينهن جي روشني ٻارهن ڪلاڪ نہ هوندي آهي؟ سو جيڪڏهن ڪو ڏينهن جي وقت گھمندو تہ ٿاٻو نہ کائيندو، ڇاڪاڻ تہ هو سنسار جي روشنيءَ ۾ هلي رهيو آهي.


يسوع کين چيو تہ ”اڃا ٿوري دير تائين روشني اوهان وٽ آهي ۽ جيستائين روشني اوهان وٽ آهي اوهين اڳتي هلندا رهو. ائين نہ ٿئي جو اونداهي اچي اوهان تي ڪڙڪي ۽ پوءِ اونداهيءَ ۾ هلندي اوهان کي سڌ ئي نہ پوي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو.


يسوع کين چيو تہ ”منهنجو کاڌو اهو آهي تہ آءٌ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضيءَ تي هلندي سندس سونپيل ڪم پورو ڪريان.


ضروري آهي تہ جيستائين ڏينهن آهي تيستائين اسين انهيءَ جا ڪم ڪريون، جنهن مون کي موڪليو آهي. پر جڏهن رات ايندي تڏهن ڪوبہ ماڻهو ڪم ڪري نہ سگھندو.


اوهان کي اها بہ سڌ آهي تہ ڪيئن ايشور يسوع ناصريءَ تي پوِتر آتما ۽ شڪتي پرگھٽ ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو شيطان جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهيءَ ساڻ هو.


پر يروشلم جي رهاڪن ۽ سندن اڳواڻن يسوع کي نہ سڃاتو ۽ نہ وري هنن سنديش ڏيندڙ سنتن جي لکتن کي سمجھيو، جيڪي هر سبت جي ڏينهن تي پوِتر شاستر مان پڙهيون وينديون آهن. اٽلندو مٿس موت جو فيصلو ڏيئي ڇڏيائون. اهڙيءَ طرح سنديش ڏيندڙ سنتن جون لکتون سچيون ثابت ٿيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ