Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 13:28 - Hindu Sindhi Bible

28 پوءِ اوهين افسوس وچان روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ لڳندءُ جڏهن پاڻ کي ٻاهر ڌِڪيل ۽ ابرهام، اضحاق، يعقوب ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سڀني سنتن کي ايشور جي راڄ ۾ شامل ڏسندءُ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 جڏهن اوهين ابراهيم، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب، ۽ سڀني نبين کي خدا جي بادشاهت ۾ ڏسندا، ۽ پاڻ کي ٻاهر ڌڪيل، تڏهن اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 پوءِ اوهين افسوس وچان روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ لڳندءُ جڏهن پاڻ کي ٻاهر ڌِڪيل ۽ ابراهيم، اسحاق، يعقوب ۽ سڀني نبين کي خدا جي بادشاهيءَ ۾ شامل ڏسندءُ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

28 पो जड॒ऐं तवां अब्राहम, इसहाक, याकूब ऐं सब भविष्यवक्‍ताउन खे परमेश्वरअ जे राज॒अ में डि॒संदव ऐं पांजे पाण खे उन मां बा॒हिर पाईंदव तड॒ऐं तवां रोईंदव ऐं पांजा ड॒ंदअ पीसींदव।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 پوءِ جڏھن اوھين پاڻ کي ٻاھر ڌڪيل ۽ ابراھيم، اسحاق، يعقوب ۽ ٻين سڀني نبين کي خدا جي بادشاھت ۾ ڏسندءُ تہ روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ لڳندءُ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 13:28
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي دوت کين باهہ جي کُوري ۾ اڇلائيندا جتي هو روئندا رڙندا ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندا.


۽ کين باهہ جي کُوري ۾ اڇلائيندا جتي اهي روئندا رڙندا ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندا.“


تڏهن راجا نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’هن جا هٿ پير ٻڌي ٻاهر اونداهيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيوس، جتي هو پيو روئندو رڙندو ۽ پنهنجي حال تي ڏند پيو ڪرٽيندو.‘“


پوءِ تہ سندس مالڪ اچي کيس چهبڪن سان خوب مار ڏيندو ۽ پاکنڊين ۾ شمار ڪري ڪڍي ڇڏيندس. تڏهن هو روئندو رڙندو ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندو.“


اوهين هن بيڪار نوڪر کي ڌِڪا ڏيئي ٻاهر اونداهيءَ ۾ اڇلايو، جتي هو روئي رڙي ۽ پنهنجي حال تي پنهنجا ڏند ڪرٽي.‘“


اي ڪفرناحوم شهر جا رهاڪؤ! ڇا اوهين ڀانئيو ٿا تہ اوهين آڪاش کان مٿي تائين بلند ڪيا ويندا؟ نہ، هرگز نہ. اٽلندو اوهين هيٺ پاتال ۾ ڦٽا ڪيا ويندا.“


تڏهن مهمانن مان هڪڙي اهي ڳالهيون ٻڌي يسوع کي چيو تہ ”سڀاڳو آهي اُهو، جيڪو ايشور جي راڄ ۾ کائيندو پيئندو.“


هو پاتال ۾ وڃي پيو، جتي هو عذابن ۾ مبتلا هو تہ اکيون کڻي نهاريائين تہ پريان ابرهام نظر آيس جنهن جي ڀر ۾ لعزر هو.


انهيءَ مان ثابت ٿو ٿئي تہ ايشور جي عدالت سچي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اوهين ايشور جي راڄ جي لائق قرار ڏنا ويا آهيو، جنهن لاءِ اوهين تڪليفون بہ پيا سهو.


بلڪ اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي امر راڄ ۾ وڏي خوشيءَ سان داخل ڪيا ويندا.


پر جيڪي ڊڄڻا، وشواس کان ڦرندڙ، ڪراهت جهڙا، قاتل، زناڪار، جادوگر، بتن جا پوجاري ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جي جاءِ اها ڍنڍ هوندي، جيڪا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ڀڙڪي. اهو ئي ٻيو موت آهي.“


پر ڪتا، يعني جادوگر، زناڪار، قاتل، بتن جا پوجاري، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شهر کان ٻاهر هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ