Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 13:25 - Hindu Sindhi Bible

25 جڏهن گھر ڌڻيءَ هڪ دفعو اُٿي در بند ڪري ڇڏيو، تہ پوءِ اوهين ٻاهر بيهي ڪيترو بہ در کڙڪايو ۽ چئو تہ ’اي مالڪ! اسان لاءِ در کوليو،‘ تہ هو ورنديءَ ۾ چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان آيا آهيو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 جڏهن هڪ دفعو گهر جو مالڪ اُٿيو ۽ در بند ڪيائين، ۽ اوهين ٻاهر بيهي در کڙڪائي چوڻ لڳندا تہ اي ڌڻي، اسان لاءِ در کول؛ ۽ هو جواب ڏيئي چوندو، تہ آئون اوهان کي نٿو سڃاڻان تہ ڪٿان جا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 جڏهن گھر ڌڻيءَ هڪ دفعو اُٿي در بند ڪري ڇڏيو، تہ پوءِ اوهين ٻاهر بيهي ڪيترو بہ در کڙڪايو ۽ چئو تہ ’اي مالڪ! اسان لاءِ در کوليو،‘ تہ هو ورنديءَ ۾ چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان آيا آهيو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

25 जेकड॒ऐं हिकअ दफ़े घरअ जे धणीअ दरवाज़ो बंद करे छड॒यो, त पो तवां बा॒हिर बीह करे केतरोही दर खड़काए करे चओ, ‘हे मालिकअ, असां जे लाए दर खोल’ परअ हू तवां खे जवाब डीं॒दो, ‘के मां तवां खे न सुञाणींदो आयां, के तवां किथां आया आयो?’

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 جڏھن گھر ڌڻيءَ ھڪ دفعو اٿي در بند ڪري ڇڏيو، تہ پوءِ اوھين ٻاھر بيھي ڪيترو بہ در کڙڪايو ۽ چئو تہ ’اي مالڪ! اسان لاءِ در کوليو،‘ تہ ھو ورنديءَ ۾ چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوھين ڪٿان آيا آھيو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 13:25
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اي لعنتيؤ! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو ۽ وڃي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پئو، جيڪا شيطان ۽ سندس دوتن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي،


پر هو وري اوهان کي چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان آيا آهيو. اوهين سڀيئي بدڪار منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو.‘


انهيءَ لاءِ اوهين وڃي اهڙا ڪم ڪريو جن مان سڌ پوي تہ اوهان سچ پچ پنهنجن پاپن تي پڇتايو آهي. اوهين ائين بہ نہ سوچو تہ ’اسين ابرهام جو اولاد آهيون تنهنڪري بچي وينداسين.‘ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ايشور هنن پٿرن مان بہ ابرهام لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.


”اوهين ڇو مون کي ’پرڀو، پرڀو‘ چئو ٿا، جڏهن تہ منهنجي چوڻ تي عمل نہ ٿا ڪريو؟


ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمائي ٿو تہ ”قبول ڪرڻ واري وقت مون اوهان جي ٻڌي، ۽ ڇڏائڻ واري ڏينهن مون اوهان جي مدد ڪئي.“ ڏسو، هاڻي قبول پوڻ جو اهو وقت اچي ويو آهي. هائو، ڇڏائڻ جو اهو ڏينهن اڄ ئي آهي.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ انهيءَ کان پوءِ جڏهن هن آسيس جو وارث ٿيڻ ٿي گھريو تہ کيس رد ڪيو ويو. هن کي توبهہ ڪرڻ جو موقعو بہ نہ مليو، جيتوڻيڪ هن ڳوڙها ڳاڙيندي انهيءَ آسيس کي حاصل ڪرڻ جي تمام گھڻي ڪوشش ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ