Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 13:24 - Hindu Sindhi Bible

24 ”سوڙهي دروازي مان اندر گھڙڻ لاءِ تن ۽ من سان ڪوشش ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ڪيترائي اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪندا پر گھڙي نہ سگھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 تڏهن اُنهن کي چيائين تہ سوڙهي دروازي مان گهڙڻ لاءِ دل و جان سان ڪوشش ڪريو: ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ گهڻا اندر گهڙڻ جي ڪندا، پر گهڙي ڪين سگهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 ”سوڙهي دروازي مان اندر گھڙڻ لاءِ دل وَ جان سان ڪوشش ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ڪيترائي اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪندا پر گھڙي نہ سگھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

24 “सोड़े दरवाज़े मां अंदर दाख़िल थ्यण जी दिलजान सां कोशिश कयो, छोके मां तवां खे चवां तो के डा॒ढा अंदर दाख़िल थ्यण जी कोशिश कंदा परअ घिरी न सग॒ंदा।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 ”سوڙھي دروازي مان اندر گھڙڻ لاءِ دل⁠وجان سان ڪوشش ڪريو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترائي اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪندا پر گھڙي نہ سگھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 13:24
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي پرچار کان وٺي هن وقت تائين آڪاش جي راڄ تي ڏاڍائي پئي ٿي آهي ۽ ڏاڍا ماڻهو ان کي ڏاڍائيءَ سان ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.


تہ ڪنهن ماڻهوءَ پڇيس تہ ”اي سوامي! ڪن ٿورن کي مڪتي ملندي ڇا؟“ هن ورندي ڏيئي چيو تہ


انهيءَ ڪري هر وقت جاڳندا ۽ پرارٿنا ڪندا رهو تہ اهي ڳالهيون جيڪي ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ ۽ منش‌پتر جي آڏو بيهڻ جي سگھہ مليوَ.“


اي منهنجا ٻارؤ! آءٌ اوهان سان گھڻو وقت نہ رهندس. اوهين مون کي ڳوليندا، پر جتي آءٌ وڃي رهيو آهيان اتي اچي نہ سگھندا. آءٌ اوهان کي اهو ئي ٻڌايان ٿو، جيڪو مون يهودي اڳواڻن کي ٻڌايو هو.


ناس ٿيندڙ کاڌي لاءِ محنت نہ ڪريو، بلڪ انهيءَ کاڌي لاءِ محنت ڪريو، جنهن مان امر جيون ٿو ملي. اهو کاڌو منش‌پتر اوهان کي ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ پتا يعني ايشور هن تي اختياريءَ جي مُهر هڻي ڇڏي آهي.“


اوهين مون کي ڳوليندا پر لهي ڪين سگھندا، ڇاڪاڻ تہ جتي آءٌ هوندس اتي اوهين اچي نہ سگھندا.“


يسوع وري يهودي اڳواڻن کي چيو تہ ”آءٌ هليو ويندس ۽ اوهين مون کي ڳوليندا. پر جتي آءٌ ويندس اتي اوهين اچي نہ سگھندا، بلڪ پنهنجن پاپن ۾ مرندا.“


تہ ماڻهو ڪهڙيءَ طرح ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو. سو هو نيم وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. ائين هو ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ جو صحيح رستو اختيار نہ ٿا ڪن.


انهيءَ مقصد لاءِ ئي آءٌ ايشور جي انهيءَ شڪتيءَ موجب سخت جدوجهد ٿو ڪريان، جيڪا مون ۾ زور سان اثر ڪري ٿي.


تنهنڪري اچو تہ اسين وڏي جذبي سان انهيءَ آرام کي حاصل ڪريون، انهيءَ لاءِ تہ متان ائين نہ ٿئي جو اسان مان ڪو انهن نافرمانن جي نموني تي هلندي ايشور جي ڏمر هيٺ اچي وڃي.


تنهنڪري، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پنهنجي سڏ ۽ چونڊ کي يقيني بڻائڻ لاءِ تن ۽ من سان ڪوشش ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ ڪڏهن بہ ٿاٻو نہ کائيندا،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ