Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 13:13 - Hindu Sindhi Bible

13 تڏهن يسوع مٿس پنهنجا هٿ رکيا تہ هوءَ هڪدم سنئين سڌي ٿي بيٺي ۽ ايشور جي مهما ڪرڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ مٿس هٿ رکيائين، تہ اُمالڪ سنئين ٿي پيئي، ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 تڏهن عيسيٰ مٿس پنهنجا هٿ رکيا تہ هوءَ هڪدم سنئين سڌي ٿي بيٺي ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

13 तड॒ऐं येशुअ उन जे मथां पांजा हथअ रखयईं, त ओढी॒ मलई उहा कुब॒ड़ी स्त्री सिधी थी वई ऐं परमेश्वरअ जी स्तुति करण लगी॒।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 عيسيٰ کيس ھٿ لاتو تہ ھوءَ ھڪدم سنئين سڌي ٿي بيٺي ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 13:13
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ماڻهن هي ڏٺو تہ ڊڄي ويا ۽ ايشور جي مهما ڪرڻ لڳا تہ هُن انسان کي ڪيڏي نہ اختياري بخشي آهي!


جيڪڏهن اهي نانگ جھليندا يا زهر پيئندا تہ بہ انهن کي ڪو نقصان نہ پهچندو. هو بيمارن کي هٿ لائيندا تہ اهي چڱا ڀلا ٿي پوندا.“


هو کيس ڏاڍيون منٿون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”منهنجي ننڍي ڌيءَ مرڻ تي آهي. مهرباني ڪري هلي هٿ گھمايوس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.“


يسوع اتان جي ماڻهن جي وشواس جي گھٽتائيءَ ڪري ڪن ٿورن بيمارن تي هٿ رکي کين چڱو ڀلو ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ چمتڪار ڏيکاري نہ سگھيو. انهن جي وشواس جي گھٽتائيءَ تي يسوع کي ڏاڍو عجب لڳو. پوءِ هو آس‌پاس جي ڳوٺن ۾ ويو ۽ ماڻهن کي سکيا ڏيڻ لڳو.


تنهن تي يسوع وري پنهنجا هٿ هن جي اکين تي گھمايا. پوءِ هو غور سان ڏسڻ لڳو تہ سندس نظر بحال ٿي ويئي ۽ هو ڏورانهيون شيون بہ چٽيون ڏسڻ لڳو.


يسوع جڏهن هن کي ڏٺو تہ پاڻ وٽ سڏي چيائينس تہ ”اي مائي! تو هاڻي پنهنجي بيماريءَ کان جند ڇڏائي.“


تڏهن هو هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ ايشور جي مهما ڪندو يسوع جي پٺيان هلڻ لڳو. اهو ڏسي سڀيئي ماڻهو ايشور جي مهما ڪرڻ لڳا.


سج لهڻ مهل ماڻهو انهن سڀني مريضن کي يسوع وٽ وٺي آيا جيڪي جدا جدا بيمارين ۾ ورتل هئا. يسوع انهن مان هر هڪ کي پنهنجو هٿ لاتو تہ اهي سڀيئي ڇٽي چڱا ڀلا ٿي ويا.


سو حننياہ ويو ۽ ان گھر ۾ گھڙي سائول تي پنهنجا هٿ رکي چيائينس تہ ”سائول ڀاءُ! پرڀو يسوع پاڻ مون کي موڪليو آهي، جنهن تو کي رستي ۾ درشن ڏنو هو، جڏهن تون هيڏانهن اچي رهيو هئين. هن مون کي انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ تو کي وري ديد ملي ۽ تون پوِتر آتما سان ڀرجي وڃين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ