Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 12:50 - Hindu Sindhi Bible

50 پر مون کي هڪڙي بپتسما وٺڻي آهي ۽ جيستائين اها پوري ٿئي تيستائين آءٌ ڪيترو نہ پريشان آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

50 پر مون کي هڪڙي بپتسما وٺڻي آهي؛ ۽ جيسين اُها پوري نہ ٿئي تيسين آئون ڪهڙي نہ سوڙهہ ۾ آهيان!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

50 پر مون کي هڪڙي بپتسما وٺڻي آهي ۽ جيستائين اها پوري ٿئي تيستائين آءٌ ڪيترو نہ پريشان آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

50 मुखे हिक बपतिस्मो वठणो आहे, परअ जेसताईं उहो पूरो न थे तेसताईं, मां केतरोही त परेशान रवंदुम।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

50 پر مون کي ھڪڙي بپتسما وٺڻي آھي ۽ جيستائين اھا پوري ٿئي تيستائين آءٌ ڪيترو نہ پريشان آھيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 12:50
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن پنهنجا پاپ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.


”آءٌ ڌرتيءَ تي باهہ لڳائڻ لاءِ آيو آهيان. ڪهڙو نہ چڱو ٿئي ها جو اها اڳ ۾ ئي لڳل هجي ها.


تنهن تي يسوع پطرس کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ورائي مياڻ ۾ وجھہ. ڇا آءٌ اهو پيالو نہ پيئان جيڪو پتا مون کي پيئڻ لاءِ ڏنو آهي؟“


يسوع اها مئي چوسي چيو تہ ”هاڻي پورو ٿيو.“ پوءِ هن پنهنجو ڪنڌ جھڪايو ۽ دم ڏنائين.


يسوع کين چيو تہ ”منهنجو کاڌو اهو آهي تہ آءٌ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضيءَ تي هلندي سندس سونپيل ڪم پورو ڪريان.


ان کان پوءِ يسوع جا ڀائر تهوار تي يروشلم ويا. هو پاڻ بہ تهوار تي ويو پر کُليو کُلايو نہ، بلڪ لڪي ڇپي.


هاڻي پوِتر آتما جي حڪم موجب آءٌ يروشلم ڏانهن وڃي رهيو آهيان. آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ اتي مون سان ڇا ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ