Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 12:48 - Hindu Sindhi Bible

48 پر اهو جنهن کي مالڪ جي اصولن جي سڌ ڪانہ هئي ۽ سزا جوڳو ڪم ڪيائين تہ ان کي ٿوري مار ملندي. سو جنهن کي گھڻو ڏنو ويو آهي تہ ان کان حساب بہ گھڻو ورتو ويندو. هائو، جنهن کي گھڻو سونپيو ويو آهي تہ ان کان گھر بہ گھڻي ٿيندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

48 پر جنهن کي خبر ڪانہ هئي، ۽ ڦٽڪن جي سزا جوڳو ڪم ڪيائين، تنهن کي ٿوري مار ملندي. ۽ جنهن کي گهڻو مليل آهي تنهن کان گهڻو طلب ڪيو ويندو؛ ۽ جنهن کي ججهو سونپيو هوندائون، انهي کان گهُرندا بہ وڌيڪ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

48 پر اهو جنهن کي مالڪ جي اصولن جي خبر ڪانہ هئي ۽ سزا جوڳو ڪم ڪيائين تہ ان کي ٿوري مار ملندي. سو جنهن کي گھڻو ڏنو ويو آهي تہ ان کان حساب بہ گھڻو ورتو ويندو. هائو، جنهن کي گھڻو سونپيو ويو آهي تہ ان کان گھر بہ گھڻي ٿيندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

48 परअ जेको दास मालिकअ जी इच्छा न जा॒णे करे मारअ खाएण जो कम करे उन दासअ खे थोड़ी ही मारअ मिलंदी। इन करे जेंखे वधीकअ डि॒नो वयो आहे, उन खां वधीकअ वरतो वेंदो; ऐं जेंखे डा॒ढो सौंप्यो वयो आहे उन खां वधीकअ घुरयो वेंदो।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

48 پر اھو جنھن کي مالڪ جي ارادي جي خبر ڪانہ ھئي ۽ سزا جوڳو ڪم ڪيائين تہ ان کي ٿوري مار ملندي. جنھن کي گھڻو ڏنو ويو آھي تہ ان کان حساب بہ گھڻو ورتو ويندو ۽ جنھن کي گھڻو سونپيو ويو آھي تہ ان کان گھر بہ گھڻي ٿيندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 12:48
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ تہ جنهن وٽ ڪجھہ آهي، تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو تہ وٽس تمام گھڻو ٿي پوندو. پر جنهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي، تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جيڪو هن وٽ آهي.


تڏهن پطرس يسوع کان پڇيو تہ ”اي پرڀو! هي مثال اوهين رڳو اسان لاءِ ٿا ڏيو يا سڀني لاءِ؟“


”آءٌ ڌرتيءَ تي باهہ لڳائڻ لاءِ آيو آهيان. ڪهڙو نہ چڱو ٿئي ها جو اها اڳ ۾ ئي لڳل هجي ها.


تنهن تي شاهوڪار منشيءَ کي گھرائي چيو تہ ’تنهنجي باري ۾ آءٌ هي ڇا پيو ٻڌان؟ پنهنجي مُنشيگيريءَ جو سڄو حساب ڪتاب ڏي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي اڳتي پنهنجو منشي رکي ڪين سگھندس.‘


جيڪڏهن آءٌ نہ اچان ها ۽ کين اهي ڳالهيون نہ ٻڌايان ها تہ انهن کي پاپي قرار نہ ڏنو وڃي ها. پر هاڻي کين پنهنجن پاپن لاءِ ڪوبہ بهانو نہ آهي.


ايشور جهالت وارن زمانن کي نظرانداز ڪندي هاڻي سڀني ماڻهن کي هر هنڌ اهو حڪم ٿو ڏئي تہ هو توبهہ ڪن،


اها صحيح سکيا مهما واري ايشور جي انهيءَ مهانتا ڀري خوشخبريءَ موجب آهي، جيڪا منهنجي حوالي ڪئي ويئي آهي.


جيتوڻيڪ آءٌ اڳي يسوع مسيح جي نندا ڪندڙ ۽ سندس شان ۾ گھٽ وڌ ڳالهائيندڙ هئس ۽ وشواسين کي ستائيندو هئس، تنهن هوندي بہ ايشور مون تي ديا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو وشواس نہ آڻڻ جي حالت ۾ اڻ‌ڄاڻائيءَ ڪري ڪيو.


اي تيمٿيس! خوشخبريءَ واري امانت جيڪا تو کي سونپي ويئي آهي، تنهن جي سنڀال ڪر. اجائي بڪ بڪ ۽ انهيءَ گيان کان پاسو ڪندو رهہ، جنهن ۾ اختلافي ڳالهيون آهن ۽ جنهن کي گيان چوڻ ئي غلط آهي.


هاڻ مناسب وقت تي هن پنهنجي انهيءَ سنديش کي پرچار جي وسيلي ظاهر ڪيو. اهو پرچار اسان جي مڪتي ڏيندڙ ايشور جي حڪم سان مون پولس جي حوالي پڻ ڪيو ويو.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان مان گھڻا سکيا ڏيندڙ ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين جيڪي سکيا ڏيندڙ آهيون تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ڪئي ويندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ