Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 12:37 - Hindu Sindhi Bible

37 سڀاڳا آهن اهي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي. سچ پڇو تہ هو سندرو ٻڌي بيهندو ۽ کين کارائڻ لاءِ پنهنجي سر پاڻ بيهي سندن سيوا ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

37 مبارڪ آهن اُهي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي: آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو ڪمر ٻڌي کين کارائڻ لاءِ ويهاريندو، ۽ پاڻ اچي سندن خدمت ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

37 سڀاڳا آهن اهي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي. سچ پڇو تہ هو سندرو ٻڌي بيهندو ۽ کين کارائڻ لاءِ پنهنجي سر پاڻ بيهي سندن خدمت ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

37 धन्य आइन उहे दासअ जेंजो मालिक वापस अचण ते उनन खे जाग॒ंदो डि॒से; मां तवां खे सच तो चवां, के उहो हिकअ दासअ वांगुर कपड़ा पाए करे उनन खे भोज॒न खाराएण जे लाए व्यारींदो ऐं उनन खे पाण रोटी पाए डी॒ंदो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

37 سڀاڳا آھن اھي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي. سچ پڇو تہ ھو کين کارائڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيھندو ۽ پنھنجي سر پاڻ اچي سندن خدمت ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 12:37
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري اوهين سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڪهڙي ڏينهن اوهان جو پرڀو ايندو.


اوهين پاڻ کي انهن سجاڳ نوڪرن وانگر بڻايو، جيڪي پنهنجي مالڪ لاءِ اکيون در ۾ اٽڪايو ويٺا واٽ نهارين تہ جڏهن سندن مالڪ شاديءَ جي دعوت تان موٽي اچي در کڙڪائي تہ هڪدم هن لاءِ در کولين.


سڀاڳو آهي اهو نوڪر، جنهن کي سندس مالڪ اچڻ مهل ائين ڪندو ڏسي.


بلڪل نہ، اٽلندو اوهين کيس هيئن چوندا تہ ’منهنجي رات جي رسوئي تيار ڪر. جيستائين آءٌ اها کائي پي بس نہ ڪريان تيستائين سيوا ۾ کڙوتڙو بيٺو رهج ۽ پوءِ وڃي تون کائجانءِ ۽ پيئجانءِ.‘


انهيءَ ڪري هر وقت جاڳندا ۽ پرارٿنا ڪندا رهو تہ اهي ڳالهيون جيڪي ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ ۽ منش‌پتر جي آڏو بيهڻ جي سگھہ مليوَ.“


ڀلا، وڏو ڪير آهي؟ ڇا اهو جيڪو کائڻ ٿو ويهي يا اهو جيڪو سندس سيوا ٿو ڪري؟ ڇا اهو نہ آهي جيڪو کائڻ ٿو ويهي؟ پر آءٌ اوهان منجھہ ائين آهيان جيئن ڪو سيواداري.


جيڪو منهنجي سيوا ڪرڻ چاهي سو منهنجي پيروي ڪري، تہ جيئن جتي آءٌ آهيان اتي منهنجو سيواداري بہ هجي. منهنجو پتا انهيءَ کي مان ڏيندو جيڪو منهنجي سيوا ڪندو.“


پر اهو ائين ئي ٿيو جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو ڪجھہ نہ ڪنهن اک ڏٺو آهي، نہ ڪنهن ڪن ٻڌو آهي ۽ نہ وري ڪنهن دماغ سوچيو آهي، سو ايشور پنهنجي پيار ڪندڙن لاءِ تيار ڪيو آهي.“


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ مون لاءِ جيوت رهڻ جي معنيٰ آهي مسيح، جڏهن تہ مرڻ جي معنيٰ آهي نفعو.


آءٌ ٻنهي ڳالهين جي وچ ۾ منجھي پيو آهيان. منهنجي خواهش تہ اها آهي تہ هن سنسار کي ڇڏي وڃي مسيح سان رهان، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ کان بهتر آهي.


بلڪ اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي امر راڄ ۾ وڏي خوشيءَ سان داخل ڪيا ويندا.


سو اي پريميؤ! جيئن تہ اوهين انهيءَ انتظار ۾ آهيو، تڏهن پوريءَ دل سان ڪوشش ڪندا رهو تہ ايشور سان ميل ميلاپ جي حالت ۾ اوهين سندس آڏو بي‌داغ ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.


پوءِ مون آڪاش ۾ هڪڙو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اهو لک تہ ’سڀاڳا آهن اهي، جيڪي اڄ کان وٺي پرڀو يسوع جا ٿي ٿا مرن.‘“ پوِتر آتما چوي ٿي تہ ”هائو، اهي پنهنجي پورهين کان واندا ٿي آرام ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجي ڪمن جو نتيجو پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.“


انهيءَ ڪري پرڀو يسوع فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ ائين پيو اچان، جيئن چور ايندو آهي. سڀاڳو آهي اهو جيڪو سجاڳ ٿو رهي ۽ پنهنجي پوشاڪ جي سنڀال ٿو ڪري، تہ جيئن اگھاڙو نہ ٿئي ۽ ماڻهو سندس اوگھڙ نہ ڏسن.“


جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو تنهن کي آءٌ پاڻ سان گڏ پنهنجي تخت تي ويهاريندس، جهڙيءَ طرح آءٌ پاڻ حاوي پيس ۽ پنهنجي پتا سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


اهو انهيءَ جي ڪري ٿيندو جو گھيٽڙو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار هوندو ۽ کين امرت‌جل جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ ايشور سندن اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ