Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 11:31 - Hindu Sindhi Bible

31 قيامت جي ڏينهن ڏکڻ جي راڻي اُٿي بيهندي ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ راجا سليمان جي ڏاهپ ٻڌڻ لاءِ وڏي پنڌ تان آئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو سليمان کان بہ مهان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ڏکڻ جي ملڪہ هن زماني جي ماڻهن سان گڏ عدالت ۾ اُٿي بيهندي، ۽ اُنهن کي ڏوهاري ٺهرائيندي، ڇالاءِ جو هوءَ ڏورانهين ملڪ کان سليمان جي سياڻپ ٻُڌڻ لاءِ آئي؛ ۽ ڏسو، هتي هڪڙو آهي جو سليمان کان بہ وڏو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 قيامت جي ڏينهن ڏکڻ جي راڻي اُٿي بيهندي ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ سليمان بادشاهہ جي ڏاهپ ٻڌڻ لاءِ وڏي پنڌ تان آئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو سليمان کان بہ عظيم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

31 न्याय जे डी॒ंहं ते ड॒खण देशअ जी राणी शीबा इन पीढ़ीअ जे मांणुन सां गड॒ बीह करे, उनन खे डो॒ही ठहेराईंदी, छोके उहा सुलैमानअ जो ज्ञान जेको बु॒द्धिअ जो ज्ञान आहे, उन खे बु॒धण जे लाए डा॒ढो परतां खां आई हुई ऐं डि॒सो हिते उहो आहे जेको सुलैमानअ खां बी महान आहे।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 آخرت جي ڏينھن ڏکڻ جي راڻي اٿي بيھندي ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندي، ڇالاءِ⁠جو ھوءَ سليمان جي سياڻپ ٻڌڻ لاءِ وڏي پنڌ تان آئي ھئي. پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو سليمان کان بہ وڏو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 11:31
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قيامت جي ڏينهن ڏکڻ جي راڻي اُٿي بيهندي ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ وڏي پنڌ تان راجا سليمان جي ڏاهپ ٻڌڻ لاءِ آئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو سليمان کان بہ مهان آهي.“


۽ پوِتر آتما ڪبوتر جي روپ ۾ مٿس اچي لٿي. تڏهن آڪاش مان آواز آيو تہ ”تون منهنجو پيارو پٽ آهين. آءٌ تو مان گھڻو خوش آهيان.“


انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پٽ ۽ منهنجو مخصوص ڪيل آهي، سو اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“


جيتوڻيڪ اوهان يهودين جو ختنو ٿيل آهي ۽ اوهان وٽ ايشور جو نيم بہ موجود آهي، تڏهن بہ اوهين انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو. تہ پوءِ غير قوم وارا جن جو ختنو ٿيل نہ آهي، پر ايشور جي نيم جهڙا عمل ڪن ٿا، تن جي ڪري اوهان کي پاپي قرار نہ ڏنو ويندو ڇا؟


وشواس جي ڪري ئي نوح اهي ڳالهيون مڃيون جيڪي اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، جن بابت ايشور کيس خبردار ڪيو هو. هن ايشور جو خوف رکي پنهنجي خاندان کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ هڪڙو ٻيڙو ٺاهيو. اهڙيءَ طرح نوح سنسار کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ انهيءَ سچائيءَ جو وارث ٿيو، جيڪا وشواس جي ڪري حاصل ٿئي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ