Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 11:1 - Hindu Sindhi Bible

1 هڪڙي دفعي ڪنهن هنڌ يسوع پرارٿنا پئي ڪئي. جڏهن هو پرارٿنا ڪري چڪو تڏهن سندس چيلن مان هڪڙي چيس تہ ”اي گرو! جهڙيءَ طرح يوحنا پنهنجي چيلن کي پرارٿنا سيکاري هئي، تهڙيءَ طرح اسان کي بہ پرارٿنا سيکاريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ هن هڪڙي هنڌ ويٺي دعا گهري، ۽ جڏهن گهري چڪو، تڏهن سندس شاگردن مان هڪڙي اچي چيس، تہ اي خداوند، جيئن يوحنا پنهنجن شاگردن کي سيکاريو هو، تيئن تون بہ اسان کي دعا گهرڻ سيکار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 هڪڙي دفعي ڪنهن هنڌ عيسيٰ دعا پئي گھري. جڏهن هو دعا گھري چڪو تڏهن سندس شاگردن مان هڪڙي چيس تہ ”اي استاد! جهڙيءَ طرح يحيٰ پنهنجي شاگردن کي دعا سيکاري هئي، تهڙيءَ طرح اسان کي بہ دعا سيکاريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

1 हिकड़े डीं॒ह कें जग॒ऐ ते येशु प्रार्थना करे रयो हो। जड॒ऐं उहो प्रार्थना करे चुको, त हुन जे चेलन मां हिकअ ज॒णे संदस खे चयो, “हे प्रभु, जीअं यूहन्ना पांजे चेलन खे प्रार्थना करण सेखारयो आहे उअं हीं तूं असां खे बी सेखार।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ھڪڙي دفعي ڪنھن ھنڌ عيسيٰ دعا پئي گھري. جڏھن دعا گھري چڪو تڏھن سندس شاگردن مان ھڪڙي چيس تہ ”اي خداوند! جھڙيءَ طرح يحيٰ پنھنجن شاگردن کي دعا سيکاري ھئي، تھڙيءَ طرح اسان کي بہ دعا سيکاريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 11:1
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تہ رڳو هڪڙي ئي ڳالهہ ضروري آهي. مريم اها چڱي ڳالهہ چونڊي کنئي آهي، جيڪا ان کان نہ کسبي.“


يسوع چيلن کي چيو تہ ”جڏهن اوهين پرارٿنا ڪريو تہ هيئن چئجو تہ ’اي پتا! شل تنهنجو نالو پوِتر مڃيو وڃي، ۽ تنهنجو راڄ اچي.


هڪڙي ڏينهن يسوع جبل تي پرارٿنا ڪرڻ ويو ۽ اتي سڄي رات ايشور کي پرارٿنا ڪرڻ ۾ گذاريائين.


جڏهن پرڀوءَ ان وڌوا کي ڏٺو، تڏهن کيس مٿس ديا آئي، سو چيائينس تہ ”روءُ نہ.“


پرڀوءَ ڏانهن اهو چوائي موڪليو تہ ”جيڪو اچڻ وارو آهي، سو اوهين ئي آهيو يا اسين ڪنهن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“


هڪ دفعي جڏهن يسوع اڪيلو پرارٿنا ڪري رهيو هو ۽ سندس چيلا ساڻس گڏ هئا، تڏهن انهن کان پڇيائين تہ ”ماڻهو منهنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آهيان؟“


انهن ڳالهين جي اٽڪل اٺن ڏينهن کان پوءِ يسوع پاڻ سان گڏ پطرس، يوحنا ۽ يعقوب کي وٺي هڪڙي جبل تي پرارٿنا ڪرڻ لاءِ ويو.


يسوع پنهنجي شرير واري جيون ۾ زاروزار روئي ۽ دانهون ڪري ايشور کي پرارٿنائون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انهيءَ ادب سان وس هيٺ رهڻ جي ڪري سندس پرارٿنائون قبول پيون.


پر اي پريميؤ! جيئن اوهين امر جيون ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ديا جا منتظر رهو ٿا، تيئن پنهنجي نهايت ئي پوِتر وشواس ۾ هڪٻئي کي مضبوط ڪندي ۽ پوِتر آتما جي مدد سان پرارٿنا ڪندي گڏجي پنهنجو پاڻ کي ايشور جي پيار ۾ قائم رکو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ