Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 10:17 - Hindu Sindhi Bible

17 پوءِ اهي ستر چيلا ڏاڍا خوش ٿي موٽيا ۽ اچي يسوع کي چيائون تہ ”اي پرڀو! اوهان جي نالي تي ڀوت بہ اسان جي وس هيٺ ٿيا آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 پوءِ اُهي ستر ڄڻا خوش ٿي موٽي آيا، ۽ اچي چيائونس، تہ اي خداوند، تنهنجي نالي تي ڀوت بہ اسان جي تابع آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 پوءِ اهي ستر شاگرد ڏاڍا خوش ٿي موٽيا ۽ اچي عيسيٰ کي چيائون تہ ”اي خداوند! اوهان جي نالي تي ڀوت بہ اسان جي تابع ٿيا آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

17 उहे बा॒तर चेला डा॒ढो आनंद सां मोटया ऐं येशुअ वट अची करे चवण लगा॒, “हे प्रभु, जड॒ऐं असां दुष्‍टआत्माउन खे तुंजे नाले सां हुकुम प्या डि॒यऊं त उहे बी असां जो मञन पयूं।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 پوءِ اھي ٻاھتر ڄڻا ڏاڍا خوش ٿي موٽيا ۽ اچي عيسيٰ کي چيائون تہ ”اي خداوند! اوھان جي نالي تي ڀوت بہ اسان جي تابع ٿيا آھن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 10:17
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڪري سڄي شام صوبي ۾ بہ هن جي هاڪ پئجي ويئي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن وٽ بيمارن کي وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون هيون، جهڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگي وارا. انهن سڀني کي يسوع ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.


جيڪي وشواس آڻيندا، تن ۾ شڪتيءَ جون هي نشانيون هونديون جو اهي منهنجي نالي تي ماڻهن مان ڀوت ڪڍندا ۽ مختلف قسمن جون ٻوليون ڳالهائيندا.


انهيءَ کان پوءِ پرڀوءَ ستر چيلا ٻيا بہ مقرر ڪيا ۽ کين ٻن ٻن جي ٽوليءَ ۾ هر انهيءَ شهر ۽ ڳوٺ ڏانهن پاڻ کان اڳ ۾ روانو ڪيو جتي کيس وڃڻو هو.


تنهن هوندي بہ انهيءَ ڪري خوش نہ ٿيو تہ ڀوت اوهان جي وس هيٺ ٿيا آهن، بلڪ هن ڪري خوش ٿيو جو اوهان جا نالا ايشور وٽ اُڪريل آهن.“


انهيءَ شهر ۾ جيڪي بيمار هجن تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪجو ۽ اتان جي ماڻهن کي چئجو تہ ’ايشور جو راڄ اوهان جي ويجھو اچي پهتو آهي.‘


يسوع پنهنجي مقرر ڪيل ٻارهن سنتن کي سڏي کين هيءَ شڪتي ۽ اختياري ڏني تہ هو ماڻهن مان ڀوت ڪڍن ۽ بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪن.


تڏهن شانتي بخشيندڙ ايشور جلد ئي شيطان کي اوهان جي پيرن هيٺ لتاڙائي چيڀاٽي ڇڏيندو. اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا شل اوهان سڀني تي هجي.


سو جيئن منڊلي مسيح جي وس هيٺ آهي، تيئن پتنين کي بہ هر ڳالهہ ۾ پنهنجن پتين جي وس هيٺ رهڻ گھرجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ