Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 10:11 - Hindu Sindhi Bible

11 ’اوهان جي شهر جي مٽي جيڪا اسان جي پيرن کي چنبڙي پئي آهي، سا اوهان وٽ ئي ڇنڊي وڃون ٿا، پر ياد رکو تہ ايشور جو راڄ اوهان جي ويجھو اچي پهتو آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تہ اوهان جي شهر جي مٽي جا اسان جي پيرن تي لڳي پيئي آهي سا بہ اوهان تي ڇنڊي ٿا ڇڏيون: پر ايترو ڄاڻجو تہ خدا جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 ’اوهان جي شهر جي مٽي جيڪا اسان جي پيرن کي چنبڙي پئي آهي، سا اوهان وٽ ئي ڇنڊي وڃون ٿا، پر ياد رکو تہ خدا جي بادشاهي اوهان جي ويجھو اچي پهتي آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

11 ‘तवां जे नगरअ जी मिट्टी बी, जेकी असां जे जूतन ते लग॒ल आहे उन खे असां तवां जे सामूं छंडे ता छड॒यऊं; परअ त बी तवां इयो याद रखजो के परमेश्वरअ जो राज॒ तवां जे वेझो अची पौंतो आहे।’

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 ’اوھان جي شھر جي مٽي جيڪا اسان جي پيرن کي چنبڙي پئي ھئي، سا بہ ڇنڊي وڃون ٿا، پر ھي بہ ڄاڻجو تہ خدا جي بادشاھت اوھان جي ويجھو اچي پھتي آھي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 10:11
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن ماڻهو اوهان جو آڌرڀاءُ نہ ڪن يا اوهان جي ڳالهہ نہ ٻڌن، تہ پوءِ اهو گھر توڙي شهر ڇڏي وڃجو ۽ پنهنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو.


اوهين جتي جتي وڃو تہ اتي اهو اعلان ڪجو تہ ’آڪاش جو راڄ ويجھو آيو آهي.‘


”توبهہ ڪريو جو آڪاش جو راڄ ويجھو آيو آهي.“


جيڪڏهن ڪنهن اهڙي هنڌ وڃو جتان جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ پوءِ اتان رواني ٿيڻ وقت پنهنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو تہ جيئن مٿن شاهدي ٿئي.“


پر جيڪڏهن ڪنهن شهر ۾ وڃو ۽ اتان جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ ان جي چونڪن تي بيهي هيئن چئجو تہ


انهيءَ شهر ۾ جيڪي بيمار هجن تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪجو ۽ اتان جي ماڻهن کي چئجو تہ ’ايشور جو راڄ اوهان جي ويجھو اچي پهتو آهي.‘


جنهن شهر جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ انهيءَ شهر کان ٻاهر نڪري پنهنجن پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو، تہ جيئن مٿن شاهدي ٿئي.“


اي ابرهام جو اولاد، منهنجا هم‌قوم بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوهين اي ايشور ڀڳت غير يهوديؤ! انهيءَ مڪتيءَ وارو سنديش اسان سڀني ڏانهن موڪليو ويو آهي.


خبردار ٿجو تہ جيڪي سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت چيو ويو آهي سو اوهان سان نہ ٿئي تہ


پر پولس ۽ برنباس کين دليريءَ سان چيو تہ ”اهو ضروري هو تہ ايشور جو اهو سنديش پهريائين اوهان يهودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اهو اوهان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي امر جيون جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنهنڪري اسين اوهان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا،


تڏهن پولس ۽ برنباس انهن جي خلاف پنهنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي اڪونيم شهر ڏانهن هليا ويا.


پر بني اسرائيل بابت ايشور فرمائي ٿو تہ ”مون سڄو وقت هڪڙي نافرمان ۽ ضدي قوم جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيري رکيا.“


بلڪ اها سچائي هيئن بہ چوي ٿي تہ ”ايشور جون ڳالهيون تنهنجي ويجھو آهن، بلڪ تنهنجي زبان تي ۽ تنهنجي دل ۾ آهن.“ ايشور جون هي ڳالهيون وشواس آڻڻ جو اهو ئي سنديش آهي، جنهن جو اسين پرچار ڪريون ٿا.


اهو پٽ ايشور جي جوت جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنهنجي شڪتيءَ واري وچن سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. هو اسان کي پاپن کان ڌوئي پوِتر ڪرڻ بعد مٿي آڪاش تي مهان ايشور جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ