Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 1:77 - Hindu Sindhi Bible

77 ۽ سندس قوم کي ٻڌائيندو ويندين، تہ پنهنجن پاپن کان معافيءَ جي صورت ۾ ئي اهي مڪتي حاصل ڪري سگھن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

77 انهي لاءِ تہ سندس اُمت کي نجات جي خبر ڏين، جا هنن کي گناهن جي معافي ڪري ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

77 ۽ سندس قوم کي ٻڌائيندو ويندين، تہ پنهنجن گناهن کان معافيءَ جي صورت ۾ ئي اهي ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

77 ऐं हुन जे मांणुन खे उद्धार पाएण जो ज्ञान डी॒ंदे, के उद्धार उनन खे पापन जी माफ़ीअ जे द्वारा मिलंदो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

77 انھيءَ لاءِ تہ سندس قوم کي ڇوٽڪاري جي خبر ٻڌائين تہ ھنن جا گناھہ بخش ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 1:77
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هو اردن درياءَ جي آس‌پاس واري سڄي علائقي ۾ ويو ۽ ماڻهن ۾ پرچار ڪرڻ لڳو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ اوهان کي پنهنجن پاپن جي معافي ملي.“


تڏهن ئي سڄي انسانذات ايشور جي مڪتي ڏسندي.‘“


ٻئي ڏينهن تي يوحنا يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي ايشور جو گھيٽڙو آهي، جيڪو سنسار جا پاپ کڻي وڃي ٿو.


هائو، آءٌ اهو سڀ ڪجھہ ڏسي هاڻي شاهدي ٿو ڏيان تہ هي ئي ايشور جو پٽ آهي.“


انهيءَ بابت ايشور جو سنديش ڏيندڙ سڀني سنتن جي شاهدي آهي تہ جيڪو بہ مٿس وشواس آڻيندو، تنهن جا پاپ سندس نالي جي وسيلي بخشيا ويندا.“


تنهن تي پولس کين چيو تہ ”يوحنا تہ ماڻهن کي توبهہ واري بپتسما ڏيندي هي چوندو هو تہ ’جيڪو مون کان پوءِ ايندو تنهن تي وشواس آڻجو،‘ يعني يسوع تي.“


تنهن تي پطرس کين چيو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پاپن جي معافيءَ لاءِ يسوع مسيح جي نالي تي بپتسما وٺي. تڏهن اوهان کي ايشور جي بخشش يعني پوِتر آتما بخشي ويندي.


تنهنڪري توبهہ ڪريو ۽ ايشور ڏانهن اچو تہ اوهان جا پاپ ميٽجي وڃن،


نہ رڳو ايترو پر ايشور کيس مالڪ ۽ مڪتي ڏيندڙ بڻائي پنهنجي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبهہ ڪرڻ جي همت ڏئي ۽ سندن پاپ بخشي ڇڏي.


ايشور يسوع کي اهڙو ڪفارو بڻايو، جو سندس جان جي ٻليدان جي ڪري جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي ٿو تنهن جا پاپ معاف ڪيا وڃن ٿا. ايشور ان مان پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو. جڏهن تہ هن کان اڳي ايشور بردباري ڪندي ماڻهن جي پاپن کي درگذر ٿي ڪيو،


انهيءَ پٽ ۾ ئي سندس رت جي وسيلي اسين ڇڏايا وڃون ٿا، يعني اسان جا پاپ معاف ڪيا وڃن ٿا. اهو ايشور جي انهيءَ ڪرپا جي دولت موجب آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ