Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 1:76 - Hindu Sindhi Bible

76 هاڻ اي منهنجا ٻچا يوحنا! تون مهان ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت سڏيو ويندين، ۽ پرڀوءَ جي اڳيان اڳيان هن لاءِ رستو تيار ڪندو هلندين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

76 ۽ اي ٻچا، تون خدا تعاليٰ جو نبي ڪري ڪوٺبين، ڇوتہ تون خداوند جا رستا تيار ڪرڻ لاءِ سندس اڳيان ٿي هلندين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

76 هاڻ اي منهنجا ٻچا يحيٰ! تون خدا تعاليٰ جو نبي سڏيو ويندين، ۽ خداوند جي اڳيان اڳيان هن لاءِ رستو تيار ڪندو هلندين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

76 हे मुंजा पुटअ, तूं परमप्रधान परमेश्वरअ जो भविष्यवक्‍ता चवाएजंदे, तूं प्रभुअ जे अचण खां पहेरयों, हुन जे लाए रस्तो तैयार कंदे,

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

76 تون، اي منھنجا ٻچا! خدا تعاليٰ جو نبي سڏيو ويندين. تون خداوند جي آڏو ھلندين تہ انھيءَ لاءِ رستو تيار ڪرين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 1:76
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هيروديس يوحنا کي مارائڻ پئي چاهيو پر عوام کان ڊنو ٿي، ڇاڪاڻ تہ هنن يوحنا کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ٿي سمجھيو.


پر جي چئون ٿا ’انسان جي طرفان‘ تہ اسان کي ماڻهن کان خوف ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ تہ اهي يوحنا کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ڪري پيا مڃين.“


آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوهان پاپن کان توبهہ ڪئي آهي. پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو سو اوهان کي پوِتر آتما ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. آءٌ هن جهڙو نہ آهيان، هو شڪتيءَ وارو آهي. آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آهيان.


يوحنا اهو ئي هو جنهن لاءِ سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت چيو ويو هو تہ ”رڻ‌پٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ ’پرڀوءَ لاءِ رستو تيار ڪريو، هن لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“


جڏهن تہ کُليو کُلايو ائين بہ نہ ٿا چئي سگھون تہ ’انسان جي طرفان.‘“ انهيءَ جو سبب هي هو جو ماڻهن کان کين ڊپ ٿي ٿيو، ڇو تہ ماڻهو يوحنا کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سچو سنت ڪري مڃين پيا.


هو وڏي مهانتا وارو ٿيندو ۽ مهان ايشور جو پٽ ڪري سڏبو. پرڀو پرميشور هن کي سندس ڏاڏي دائود جو تخت بخشيندو.


دوت وراڻيس تہ ”پوِتر آتما تو تي پرگھٽ ٿيندي. هائو، مهان ايشور جي شڪتي تو ساڻ هوندي. انهيءَ ڪري ئي اهو پوِتر ٻار ايشور جو پٽ ڪري سڏبو.


پر اوهين پنهنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ اوهان کي وڏو لاڀ ملندو ۽ اوهين مهان ايشور جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ هو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ ڪرپالو آهي.


تنهن تي يوحنا سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جا هي لفظ ورجايا تہ ”آءٌ اهو آواز آهيان، جيڪو رڻ‌پٽ ۾ پڪاري ٿو تہ ’پرميشور جي لاءِ واٽ سڌي ڪريو.‘“


هو مون کان پوءِ اچي رهيو آهي ۽ آءٌ تہ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو سندس جتيءَ جون ڪهيون کوليان.“


اوهين خود شاهدي ڏيئي سگھو ٿا تہ مون چيو هو تہ ’آءٌ مسيح نہ آهيان، پر آءٌ انهيءَ کان اڳ موڪليل آهيان.‘


هوءَ پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي رڙيون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”هي ماڻهو مهان ايشور جا داس آهن، جيڪي اوهان کي مڪتيءَ جو رستو ٿا ٻڌائين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ