Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 1:19 - Hindu Sindhi Bible

19 تنهن تي دوت وراڻيس تہ ”آءٌ جبرائيل آهيان ۽ ايشور جي شرڻ ۾ حاضر رهندو آهيان. ايشور ئي مون کي موڪليو آهي تہ تو سان ڳالهايان ۽ تو کي اها خوشخبري ٻڌايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 تڏهن ملائڪ وراڻي ڏيئي چيس تہ آئون جبرائيل آهيان، جو خدا جي حضوريءَ ۾ بيٺو رهندو آهيان، ۽ مون کي انهي لاءِ موڪليو اٿس تہ تو سان ڪلام ڪريان، ۽ توکي هيءَ خوشخبري ٻڌايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 تنهن تي ملائڪ وراڻيس تہ ”آءٌ جبرائيل آهيان ۽ خدا جي حضور ۾ حاضر رهندو آهيان. خدا ئي مون کي موڪليو آهي تہ تو سان ڳالهايان ۽ تو کي اها خوشخبري ٻڌايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

19 स्वर्ग॒दूतअ उन खे जवाब डि॒नो, “मां जिब्राईल आयां, जेको परमेश्वरअ जी हुज़ुरीअ में सदाहीं बीठो हुंदो आयां; हुन मुखे तो वट इन करे मोकल्यो आहे, के मां तोसां गा॒लायां ऐं तोखे इया ख़ुशख़बरी डि॒यां।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 تنھن تي ملائڪ وراڻيو تہ ”آءٌ جبرائيل آھيان ۽ خدا جي حضور ۾ حاضر رھندو آھيان. خدا مون کي موڪليو آھي تہ تو سان ڳالھايان ۽ تو کي اھا خوشخبري ٻڌايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 1:19
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آڪاش ۾ هنن جا دوت هر وقت منهنجي آڪاش واري پتا جي شرڻ ۾ حاضر رهن ٿا.


پر تو منهنجي ڳالهہ تي يقين نہ ڪيو آهي جيڪا مقرر وقت تي سچي ثابت ٿيندي. ڏس، جيئن تہ تو يقين نہ ڪيو آهي تنهنڪري تون گونگو ٿي پوندين ۽ جيستائين اها ڳالهہ پوري نہ ٿيندي تيستائين تون ڳالهائي نہ سگھندين.“


اليشبع جي پيٽ سان ٿيڻ کان پوءِ ڇهين مهيني ايشور جبرائيل دوت کي گليل جي ڳوٺ ناصرت ۾ موڪليو.


تنهن تي دوت چين تہ ”ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان لاءِ هڪ وڏي خوشخبري آندي آهي، جيڪا سڄي قوم لاءِ هوندي.


انهيءَ ڪري هر وقت جاڳندا ۽ پرارٿنا ڪندا رهو تہ اهي ڳالهيون جيڪي ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ ۽ منش‌پتر جي آڏو بيهڻ جي سگھہ مليوَ.“


تنهنڪري اچو تہ انهيءَ وشواس تي مضبوطيءَ سان قائم رهون، جنهن جو اسين اقرار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان جو مهان سردار ڪاهن اهو آهي جيڪو آڪاش تي ايشور وٽ وڃي ويٺو آهي، يعني ايشور جو پٽ يسوع.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ