يهوداہ 1:9 - Hindu Sindhi Bible9 اهڙي همت تہ دوتن جي سردار ميڪائيل کي بہ ڪونہ ٿي جو شيطان تي ڦٽ لعنت ڪري، جڏهن موسيٰ جي لاش بابت هن سان بحث ۽ تڪرار پئي ڪيائين. هن شيطان کي رڳو ايترو چيو تہ ”پرميشور تو تي ڦٽڪار ڪري.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible9 پر جڏهن وڏي ملائڪ ميڪائيل موسيٰ جي لاش بابت شيطان سان جهيڙو ۽ تڪرار ڪيو، تڏهن کيس ايتري همت نہ ٿي تہ هن جي برخلاف ڦٽڪار ڪري، پر فقط ايترو چيائين تہ خداوند توکي ملامت ڪري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible9 اهڙي جرئت تہ ملائڪن جي سردار ميڪائيل کي بہ ڪونہ ٿي جو ابليس تي ڦٽ لعنت ڪري، جڏهن موسيٰ جي لاش بابت هن سان بحث ۽ تڪرار پئي ڪيائين. هن ابليس کي رڳو ايترو چيو تہ ”خداوند تو تي ملامت ڪري.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament9 مگر وڏي ملائڪ ميڪائيل جڏھن موسيٰ جي لاش بابت شيطان سان جھيڙو ۽ تڪرار پئي ڪيو، تڏھن کيس ايتري ھمت نہ ٿي جو شيطان تي ڦٽڪار ڪري سگھي. پر رڳو ايترو چيائين تہ ”خداوند تو تي ملامت ڪري.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |