Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 9:7 - Hindu Sindhi Bible

7 ۽ چيائينس تہ ”پنهنجو منهن انهيءَ تلاءَ ۾ وڃي ڌوءُ، جنهن جو نالو شيلوخ آهي.“ (شيلوخ جي معنيٰ ”موڪليل“ آهي.) پوءِ هو ويو ۽ انهيءَ تلاءَ ۾ وڃي منهن ڌوتائين ۽ موٽ تي هو ڏسندو وائسندو آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ چيائينس اُنهي تلاءَ ۾ وڃي ڌوءُ، جنهن جو نالو آهي شيلوخ (يعني موڪليل). پوءِ هو ويو، ۽ وڃي ڌوتائين، ۽ ڏسندو وائسندو آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ۽ چيائينس تہ ”پنهنجو منهن انهيءَ تلاءَ ۾ وڃي ڌوءُ، جنهن جو نالو شيلوخ آهي.“ (شيلوخ جي معنيٰ ”موڪليل“ آهي.) پوءِ هو ويو ۽ انهيءَ تلاءَ ۾ وڃي منهن ڌوتائين ۽ موٽ تي هو ڏسندو وائسندو آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 ۽ چيائينس تہ ”پنھنجو منھن انھيءَ تلاءَ ۾ وڃي ڌوءُ، جنھن جو نالو سيلوم (يعني موڪليل) آھي.“ پوءِ ھو ويو ۽ انھيءَ تلاءَ ۾ وڃي منھن ڌوتائين ۽ پوءِ موٽ تي ھو ڏسندو وائسندو آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 9:7
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پوِتر ڪيا وڃن ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيوت ڪيا وڃن ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.


يا وري اوهين ائين سمجھو ٿا ڇا تہ اهي ارڙهن ڄڻا، جن تي شيلوخ وارو منارو ڪريو ۽ دٻجي مري ويا، سي يروشلم جي سڀني رهاڪن کان وڌيڪ پاپي هئا؟


يعني غير قومن واسطي تنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ روشنائي، ۽ تنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“


سو جڏهن پتا پاڻ مون کي مخصوص ڪيو آهي ۽ هن سنسار ۾ موڪليو اٿس، تہ پوءِ اوهين ڪيئن چئو ٿا تہ مون ايشور جي نندا ڪئي آهي جو چيو اٿم تہ ’آءٌ ايشور جو پٽ آهيان‘؟


پر انهن مان ڪن چيو تہ ”ڇا هي، جنهن انڌي ماڻهوءَ کي ديد ڏني هئي سو ائين ڪري نہ ٿي سگھيو جو لعزر اصل مري ئي نہ ها؟“


هن وراڻيو تہ ”اهو شخص جنهن جو نالو يسوع آهي، تنهن مٽي آلي ڪري منهنجي اکين تي لاتي ۽ چيائين تہ ’شيلوخ واري تلاءَ ۾ وڃي منهن ڌوءُ.‘ پوءِ آءٌ ويس ۽ وڃي منهن ڌوتم تہ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“


پوءِ يسوع چيو تہ ”آءٌ هن سنسار ۾ فيصلو ڏيڻ لاءِ آيو آهيان، تہ جيئن جيڪي انڌا آهن سي ڏسن ۽ جيڪي ڏسن ٿا سي انڌا ٿين.“


تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري ايشور ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي وشواس آڻين ۽ پاپن جي معافي ملين ۽ هو ايشور جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب نيم نہ ڪري سگھيو سو ايشور ڪيو. انهيءَ لاءِ هن پنهنجي پٽ کي انساني يعني پاپين واري روپ ۾ موڪليو، تہ جيئن هو اسان جي پاپن خاطر پنهنجي جان ڏئي. اهڙيءَ طرح انساني فطرت ۾ موجود پاپ جي خلاف ايشور فيصلو جاري ڪيو.


پر جڏهن وقت پورو ٿيو تہ ايشور پنهنجو پٽ ڌرتيءَ تي موڪليو، جنهن کي هڪ ناريءَ جنم ڏنو. هو نيم جي وس هيٺ هجڻ واري وقت آيو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ