Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 9:35 - Hindu Sindhi Bible

35 جڏهن يسوع ٻڌو تہ يهودي اڳواڻن انهيءَ ماڻهوءَ کي ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي، تڏهن هو ساڻس مليو ۽ کيس چيائين تہ ”ڇا تون منش‌پتر تي وشواس آڻين ٿو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 يسوع ٻُڌو تہ هن کي ڪڍي ڇڏيو اٿن؛ ۽ جڏهن ڳولي لڌائينس تڏهن چيائينس، تہ تون خدا جي فرزند تي ايمان ٿو آڻين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

35 جڏهن عيسيٰ ٻڌو تہ يهودي اڳواڻن انهيءَ ماڻهوءَ کي عبادت‌خاني مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي، تڏهن هو ساڻس مليو ۽ کيس چيائين تہ ”ڇا تون ابنِ آدم تي ايمان آڻين ٿو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

35 جڏھن عيسيٰ ٻڌو تہ انھيءَ ماڻھوءَ کي عبادت⁠خاني مان ڪڍي ڇڏيو اٿن، تڏھن عيسيٰ کيس ڳولي وڃي لڌو ۽ چيائينس تہ ”ڇا تون ابن⁠آدم تي ايمان آڻين ٿو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 9:35
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي جيڪي بہ ٻيڙيءَ ۾ هئا تن سندس اڳيان سيس نوائيندي کيس چيو تہ ”بيشڪ تون ايشور جو پٽ آهين.“


تنهن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اوهين مسيح آهيو، جيوت ايشور جا پٽ.“


سو شيطان هن وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ هنن پٿرن کي حڪم ڪر تہ روٽيون ٿي پون.“


ايشور جي پٽ يسوع مسيح بابت خوشخبري هن ريت شروع ٿئي ٿي.


ڪنهن بہ ماڻهوءَ ايشور کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي، پر سندس اڪيلي ئي پٽ، جيڪو ساڻس ويجھي ۾ ويجھو آهي، تنهن ئي کيس ظاهر ڪيو آهي.


هائو، آءٌ اهو سڀ ڪجھہ ڏسي هاڻي شاهدي ٿو ڏيان تہ هي ئي ايشور جو پٽ آهي.“


سو جڏهن پتا پاڻ مون کي مخصوص ڪيو آهي ۽ هن سنسار ۾ موڪليو اٿس، تہ پوءِ اوهين ڪيئن چئو ٿا تہ مون ايشور جي نندا ڪئي آهي جو چيو اٿم تہ ’آءٌ ايشور جو پٽ آهيان‘؟


مارٿا وراڻيو تہ ”هائو، پرڀو! مون کي وشواس آهي تہ مسيح ايشور جو پٽ، جيڪو سنسار ۾ اچڻو هو سو اوهين ئي آهيو.“


تنهن تي توما چيس تہ ”اي منهنجا پرڀو! اي منهنجا ايشور!“


پر جيڪي لکيا ويا آهن تن جو مقصد هي آهي تہ جيئن اوهين وشواس آڻيو تہ يسوع ئي مسيح ۽ ايشور جو پٽ آهي ۽ مٿس وشواس آڻڻ سان اوهان کي هن ۾ جيون ملي.


جيڪو بہ پٽ تي وشواس آڻي ٿو، تنهن کي امر جيون مليل آهي. پر جيڪو پٽ کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي اهو جيون ڪڏهن بہ نہ ملندو، اٽلندو ايشور جو ڏمر مٿس رهي ٿو.


ٿوري وقت کان پوءِ يسوع انهيءَ ماڻهوءَ کي هيڪل ۾ ڏٺو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، هاڻي تون چڱو ڀلو ٿي ويو آهين، سو وري پاپ نہ ڪجانءِ، متان هن کان بہ وڌيڪ تڪليف نہ اچيئي.“


اسين اوهان تي وشواس آڻي چڪا آهيون ۽ ڄاڻي ورتو آهي تہ اوهين ئي ايشور جي طرفان پوِتر هستي آهيو.“


سندس ماتا پتا يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان ائين چيو، ڇاڪاڻ تہ انهن اڳي ئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪو بہ ماڻهو يسوع کي مسيح ڪري مڃيندو تنهن کي هو پنهنجي ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا.


تنهن تي انهن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي پاپن ۾ آهين ۽ هاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ انهن کيس ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي.


اهي اڳتي هلندي هلندي هڪڙي اهڙي جاءِ تي اچي پهتا جتي پاڻي هو. تنهن تي آفيسر چيو تہ ”ڏسو، هي پاڻي بہ موجود آهي تہ پوءِ مون کي بپتسما وٺڻ کان ڪهڙي جھل آهي؟“


هو جلد ئي يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ وڃي يسوع بابت پرچار ڪرڻ لڳو تہ هو ايشور جو پٽ آهي.


وري يسعياہ وڏي دليريءَ سان ايشور جو هي فرمان ٻڌايو تہ ”جن مون کي نہ ڳوليو، تن کي آءٌ ملي ويس. جيڪي مون لاءِ پڇن بہ نہ پيا، تن کي مون درشن ڏنو.“


سو جيڪو اقرار ڪري ٿو تہ يسوع ايشور جو پٽ آهي، تہ ايشور انهيءَ ۾ رهي ٿو ۽ هو ايشور ۾.


جيڪو ايشور جي پٽ تي وشواس رکي ٿو، سو دل سان اها شاهدي قبول ڪري ٿو. پر جيڪو انهيءَ کي قبول نہ ٿو ڪري سو ڄڻ تہ ايشور کي ڪوڙو ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ هو ايشور جي انهيءَ شاهديءَ تي يقين نہ ٿو ڪري، جيڪا سندس پٽ جي حق ۾ آهي.


اوهين جيڪي ايشور جي پٽ جي نالي تي وشواس رکو ٿا، تن ڏانهن مون هي ڳالهيون انهيءَ لاءِ لکيون آهن تہ جيئن اوهين ڄاڻي وٺو تہ اوهان کي امر جيون مليل آهي.


اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ ايشور جو پٽ هن سنسار ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس پٽ يسوع مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي ايشور ۽ امر جيون آهي.


سنسار تي سوڀ انهيءَ کان سواءِ ڪير حاصل ڪري سگھي ٿو جنهن جو وشواس آهي تہ يسوع ايشور جو پٽ آهي؟


سو جيڪڏهن آءٌ آيس تہ جيڪي ڪم ديترفيس ڪري ٿو، سي اچي اوهان کي ياد ڏياريندس تہ ڪيئن هو اسان جي خلاف بڪواس ٿو ڪري. هو رڳو انهيءَ ڳالهہ تي راضي نہ ٿو ٿئي، پر پرچار ڪرڻ وارن کي بہ قبول نہ ٿو ڪري ۽ جيڪي انهن کي قبول ڪرڻ گھرن ٿا تن کي بہ منع ڪري منڊليءَ مان ڪڍي ڇڏي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ