Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 9:34 - Hindu Sindhi Bible

34 تنهن تي انهن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي پاپن ۾ آهين ۽ هاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ انهن کيس ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 هنن جواب ڏيئي چيس، تہ تون اصل ڄائو ئي گناهن ۾ آهين، سو تون ٿو اسان کي سيکارين؟ پوءِ هنن کيس ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 تنهن تي انهن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي گناهن ۾ آهين ۽ هاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ انهن کيس عبادت‌خاني مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 تنھن تي انھن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي گناھن ۾ آھين ۽ ھاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ تہ انھن کيس عبادت⁠خاني مان ڪڍي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 9:34
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هڪڙي نيم شاستريءَ چيس تہ ”اي گرو! هي جيڪي اوهين چئو ٿا تنهن ۾ اسان جو بہ اپمان ٿا ڪريو.“


ڏسو، جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي، سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ ايشور جي راڄ کي ٻار وانگر ٿي قبول نہ ڪندو سو ڪڏهن بہ ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“


سڀاڳا آهيو اوهين، جڏهن ماڻهو منش‌پتر جي ڪري اوهان کي ڌڪاريندا، ناتا ٽوڙيندا، ڦٽ لعنت ڪندا ۽ اوهان کي بڇڙو سمجھي ڪڍي ڇڏيندا.


پر جيڪي پتا مون کي ڏيندو سي سڀ مون وٽ ايندا ۽ جيڪو بہ مون وٽ ايندو تنهن کي آءٌ ڪڏهن بہ نہ موٽائيندس.


اوهين اهي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوهان جي پتا ڪيا آهن.“ تڏهن انهن وراڻيو تہ ”اسين ناجائز اولاد آهيون ڇا؟ اسان جو پتا تہ هڪڙو ئي آهي، يعني ايشور.“


هن جي چيلن کانئس پڇيو تہ ”اي گرو! هي ڪنهن جي پاپ جي ڪري انڌو ڄائو آهي؟ ڇا پنهنجي پاپ جي ڪري يا پنهنجي ماتا پتا جي پاپ جي ڪري؟“


سندس ماتا پتا يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان ائين چيو، ڇاڪاڻ تہ انهن اڳي ئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪو بہ ماڻهو يسوع کي مسيح ڪري مڃيندو تنهن کي هو پنهنجي ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا.


جڏهن يسوع ٻڌو تہ يهودي اڳواڻن انهيءَ ماڻهوءَ کي ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي، تڏهن هو ساڻس مليو ۽ کيس چيائين تہ ”ڇا تون منش‌پتر تي وشواس آڻين ٿو؟“


تڏهن اتي موجود فريسين مان ڪن اهي ڳالهيون ٻڌي پڇيس تہ ”ڇا اسين بہ انڌا آهيون؟“


بيشڪ آءٌ توڙي پطرس ڄائي ڄم کان يهودي آهيون ۽ غير يهودي جن کي پاپي ليکيو وڃي ٿو، تن مان نہ آهيون.


اڳ اسين سڀيئي بہ انهن سان گڏ پنهنجي انساني فطرت جي شريري خواهشن موجب جيون گذاريندا هئاسين ۽ پنهنجي تن ۽ من جون خواهشون پوريون ڪندا هئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين ماڻهن وانگر ايشور جي ناراضپي جا حقدار هئاسين.


اهڙيءَ طرح اي جوانؤ! اوهان تي لازم آهي تہ اوهين اڳواڻن جي وس هيٺ رهو. اي منڊلين وارؤ! اوهين سڀيئي هڪٻئي اڳيان نماڻائيءَ واري سڀاءَ سان پيش اچو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ايشور مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي ڪرپا ٿو ڪري.“


سو جيڪڏهن آءٌ آيس تہ جيڪي ڪم ديترفيس ڪري ٿو، سي اچي اوهان کي ياد ڏياريندس تہ ڪيئن هو اسان جي خلاف بڪواس ٿو ڪري. هو رڳو انهيءَ ڳالهہ تي راضي نہ ٿو ٿئي، پر پرچار ڪرڻ وارن کي بہ قبول نہ ٿو ڪري ۽ جيڪي انهن کي قبول ڪرڻ گھرن ٿا تن کي بہ منع ڪري منڊليءَ مان ڪڍي ڇڏي ٿو.


مون تنهنجي وشواسي منڊليءَ ڏانهن ڪجھہ لکيو هو. پر ديترفيس جيڪو وڏو ٿيڻ گھري ٿو، سو منهنجي اختياري نہ ٿو مڃي.


ڪوبہ شخص نہ ڪا شيءِ خريد ڪري ٿي سگھيو ۽ نہ وڪڻي ٿي سگھيو، جيستائين ان تي اهو نشان نہ هجي، يعني انهيءَ حيوان جو نالو يا سندس نالي جو عدد.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ