Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 9:31 - Hindu Sindhi Bible

31 اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور پاپين جي نہ ٻڌندو آهي، پر جيڪڏهن ڪو ايشور ڀڳت آهي ۽ سندس مرضيءَ تي هلي ٿو تہ ايشور انهيءَ جي ٻڌي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا گنهگارن جي نٿو ٻُڌي، پر جيڪڏهن ڪو خدا پرست آهي ۽ سندس مرضيءَ تي ٿو هلي، تہ انهي جي هو ٻُڌي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا گنهگارن جي نہ ٻڌندو آهي، پر جيڪڏهن ڪو خداپرست آهي ۽ سندس مرضيءَ تي هلي ٿو تہ خدا انهيءَ جي ٻڌي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا گنھگارن جي نہ ٻڌندو آھي، پر جيڪڏھن ڪو خداپرست آھي ۽ سندس مرضيءَ تي ھلي ٿو تہ خدا انھيءَ جي ٻڌي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 9:31
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر آءٌ ڄاڻان ٿي تہ جيڪڏهن هاڻي بہ اوهين ايشور کان جيڪو ڪجھہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.“


اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، بلڪ مون اوهان کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اهڙو ميوو جھليو جيڪو هميشہ هلي. پوءِ اوهين منهنجي نالي تي پتا کان جيڪي بہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.


يسوع کين چيو تہ ”منهنجو کاڌو اهو آهي تہ آءٌ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضيءَ تي هلندي سندس سونپيل ڪم پورو ڪريان.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايشور جي مرضيءَ موجب هلڻ چاهي ٿو تہ هو انهيءَ سکيا بابت ڄاڻي وٺندو تہ اها ايشور وٽان آهي يا آءٌ پنهنجي طرفان ٿو ڏيان.


تنهن تي انهيءَ ماڻهوءَ چيو تہ ”واہ! اها تہ عجيب ڳالهہ آهي. جيتوڻيڪ هن مون کي ديد ڏني آهي، تڏهن بہ اوهان کي سڌ نہ ٿي پوي تہ هو ڪٿان آيو آهي.


سنسار جي شروعات کان وٺي ائين ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۾ ڪونہ آيو آهي تہ ڄائي ڄم جي انڌي ماڻهوءَ کي ڪنهن ديد ڏني هجي.


تڏهن مون چيو تہ ’اي ايشور! آءٌ آيو آهيان، انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي مرضي پوري ڪريان،‘ جهڙيءَ طرح پوِتر شاستر ۾ منهنجي باري ۾ لکيل آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ