Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 9:17 - Hindu Sindhi Bible

17 ان کان پوءِ فريسين هڪ دفعو وري انهيءَ ماڻهوءَ کان پڇيو تہ ”تون چوين ٿو تہ هن تو کي ديد ڏني، هاڻ تون انهيءَ شخص بابت ڇا ٿو چوين؟“ هن وراڻيو تہ ”هو ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 تڏهن وري انهي انڌي کي چوڻ لڳا تہ هن جو تنهنجيون اکيون کوليون آهن، تنهن جي بابت تون ڇا ٿو چوين؟ هن چيو تہ هو نبي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 ان کان پوءِ فريسين هڪ دفعو وري انهيءَ ماڻهوءَ کان پڇيو تہ ”تون چوين ٿو تہ هن تو کي ديد ڏني، هاڻ تون انهيءَ شخص بابت ڇا ٿو چوين؟“ هن وراڻيو تہ ”هو نبي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 ان کان پوءِ فريسين ھڪ دفعو وري انھيءَ ماڻھوءَ کان پڇيو تہ ”تون چوين ٿو تہ ھن تنھنجون اکيون کوليون، پر تون انھيءَ شخص بابت ڇا ٿو چوين؟“ ھن وراڻيو تہ ”ھو نبي آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 9:17
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ميڙ مان جواب آيو تہ ”هي گليل جي ڳوٺ ناصرت وارو سنديش ڏيندڙ سنت يسوع آهي.“


تنهن تي هن پڇين تہ ”ڇا ٿيو آهي؟“ انهن وراڻيو تہ ”اُهي يسوع ناصريءَ جون ڳالهيون، جيڪو ايشور توڙي سڄي خلق اڳيان چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ ايشور جو سنديش ڏيندڙ شڪتيءَ وارو سنت هو.


تنهن تي ناريءَ کيس چيو تہ ”سوامي! آءٌ سمجھان ٿي تہ اوهين ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪي سنت آهيو.


يسوع جو اهو چمتڪار ڏسي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”سچ پچ هي ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو سنت آهي، جيڪو هن سنسار ۾ اچڻو آهي.“


تڏهن فريسين بہ انهيءَ کان پڇيو تہ ”تون ڪيئن ڏسڻ وائسڻ لڳين؟“ هن انهن کي ٻڌايو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ آلي مٽي منهنجي اکين تي لاتي ۽ مون وڃي منهن ڌوتو تہ آءٌ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“


اوهان کي اها بہ سڌ آهي تہ ڪيئن ايشور يسوع ناصريءَ تي پوِتر آتما ۽ شڪتي پرگھٽ ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو شيطان جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهيءَ ساڻ هو.


پطرس وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هي ڌيان سان ٻڌو تہ ايشور اوهان جي اڳيان يسوع ناصريءَ کي پنهنجي طرفان موڪليل طور ثابت ڪيو. ڏسو، ايشور انهيءَ جي هٿان چمتڪار، نشانيون ۽ عجب جهڙا ڪم اوهان جي اڳيان ڪري ڏيکاريا. اوهين اهو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ