Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:58 - Hindu Sindhi Bible

58 يسوع وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ابرهام جي جنم کان بہ اڳي آءٌ آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

58 يسوع چين تہ اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ ابراهيم پيدا ٿيو، تنهن کان اڳي آئون آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

58 عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ابراهيم جي ڄمڻ کان بہ اڳي آءٌ آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

58 عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ ابراھيم جي ڄمڻ کان اڳي بہ آءٌ آھيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:58
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع کين وراڻيو تہ ”مون تہ اوهان کي ٻڌايو آهي، پر اوهين يقين نہ ٿا ڪريو. جڏهن تہ جيڪي ڪم آءٌ پنهنجي پتا جي اختياريءَ سان ڪريان ٿو سي بہ منهنجي شاهدي ٿا ڏين.


اي پتا! آءٌ چاهيان ٿو تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن سي اتي مون سان گڏ هجن جتي آءٌ هجان، تہ جيئن اهي منهنجي اها جوت ڏسن جنهن ۾ تو مون کي پاڻ سان انهيءَ لاءِ شريڪ ڪيو آهي جو سنسار جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي تون مون سان پيار ڪرين ٿو.


هاڻي اي پتا! تون پنهنجي شرڻ ۾ مون کي انهيءَ جوت ۾ شريڪ ڪر، جيڪا سنسار جي پيدا ٿيڻ کان اڳ مون کي تو سان گڏ هئي.


اهو ئي سبب آهي جو مون اوهان کي چيو تہ اوهين پنهنجن پاپن ۾ مرندا. جيڪڏهن اوهين اها ڳالهہ قبول نہ ڪندا تہ آءٌ اهو ئي آهيان، تہ پوءِ اوهين ضرور پنهنجن پاپن ۾ مرندا.“


سو يسوع کين چيو تہ ”جڏهن اوهين منش‌پتر کي مٿي چاڙهيندا، تڏهن اوهان کي سڌ پوندي تہ آءٌ اهو ئي آهيان. آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اهو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پتا مون کي سيکاريو آهي.


يسوع انهن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ پاپ ٿو ڪري سو پاپ جو غلام آهي.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي ڳالهين تي عمل ڪري ٿو سو ڪڏهن بہ نہ مرندو.“


اهو ئي سڀني شين کان اڳي موجود آهي ۽ هن ۾ ئي سڀ شيون ترتيب سان قائم رهن ٿيون.


يسوع مسيح ڪالهہ توڙي اڄ، بلڪ هميشہ تائين ساڳيو ئي آهي.


جنهن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو شاستر ۾ لک ۽ اهو ستن ئي منڊلين ڏانهن ڏياري موڪل، جيڪي اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا شهرن ۾ آهن.“


پرڀو پرميشور، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو، اهو سروِشڪتيوان فرمائي ٿو تہ ”اول ۽ آخر آءٌ ئي آهيان.“


هن مون کي سمرنا واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو شروعات ۽ پڇاڙي آهي، جيڪو مري ويو هو ۽ وري جيوت ٿيو، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ