Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:54 - Hindu Sindhi Bible

54 يسوع وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ پنهنجي مهما ڪريان تہ منهنجي مهما ڪا معنيٰ نہ ٿي رکي. پر جيڪو منهنجي مهما ڪري ٿو سو منهنجو پتا آهي، جنهن بابت اوهين چئو ٿا تہ ’اهو اسان جو ايشور آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

54 يسوع جواب ڏنو، تہ جيڪڏهن آئون پنهنجي وڏائي ڪريان، تہ منهنجي وڏائي ڪي ڪينهي: منهنجو پيءُ پاڻ منهنجي وڏائي ڪرڻ وارو آهي؛ جنهن جي نالي چئو ٿا تہ هو اسان جو خدا آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

54 عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ پنهنجي ساراهہ ڪريان تہ منهنجي ساراهہ ڪا معنيٰ نہ ٿي رکي. پر جيڪو منهنجي ساراهہ ڪري ٿو سو منهنجو پيءُ آهي، جنهن بابت اوهين چئو ٿا تہ ’اهو اسان جو خدا آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

54 عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏھن آءٌ پنھنجي ساراھہ ڪريان تہ منھنجي ساراھہ ڪا معنيٰ نہ ٿي رکي. پر جيڪو منھنجي ساراھہ ڪري ٿو سو منھنجو پيءُ آھي، جنھن جي لاءِ اوھين چئو ٿا تہ ’اھو اسان جو خدا آھي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:54
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن ڳالهين ڪرڻ کان پوءِ يسوع آڪاش ڏانهن نهاري پرارٿنا ڪرڻ لڳو تہ ”اي پتا! اها گھڙي اچي پهتي آهي. هاڻي تون پنهنجي پٽ جي جوت ظاهر ڪر تہ جيئن پٽ جي معرفت تنهنجي جوت ظاهر ٿئي.


هاڻي اي پتا! تون پنهنجي شرڻ ۾ مون کي انهيءَ جوت ۾ شريڪ ڪر، جيڪا سنسار جي پيدا ٿيڻ کان اڳ مون کي تو سان گڏ هئي.


هي يسوع جو پهريون چمتڪار هو، جيڪو هن گليل جي ڳوٺ قانا ۾ نشانيءَ طور ڏيکاري پنهنجي مهانتا ظاهر ڪئي. اهو ڏسي سندس چيلن مٿس وشواس آندو.


مون کي ضرورت نہ آهي تہ ماڻهو منهنجو مان ڪن،


جيڪو ماڻهو پنهنجي طرفان ڪجھہ چوندو آهي سو چاهيندو آهي تہ سندس ئي مان ٿئي. پر جيڪو چاهي ٿو تہ سندس موڪليندڙ جو مان ٿئي سو ئي سچو آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ ٺڳي ڪانہ آهي.


هن اها ڳالهہ پوِتر آتما بابت ٿي ڪئي، جيڪا انهن ماڻهن کي ملڻي هئي جن مٿس وشواس آندو هو. پر انهن کي پوِتر آتما اڃا نہ ملي هئي، ڇاڪاڻ تہ يسوع کي اڃا سربلند نہ ڪيو ويو هو.


اوهين اهي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوهان جي پتا ڪيا آهن.“ تڏهن انهن وراڻيو تہ ”اسين ناجائز اولاد آهيون ڇا؟ اسان جو پتا تہ هڪڙو ئي آهي، يعني ايشور.“


آءٌ خود پنهنجو مان نہ ٿو چاهيان، پر هڪڙو آهي جيڪو چاهي ٿو تہ منهنجو مان ٿئي ۽ اهو منهنجي حق ۾ فيصلو ڏئي ٿو.


ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب جي ايشور، هائو، اسان جي وڏن جي ايشور پنهنجي داس يسوع کي مهانتا بخشي. پر اوهان هن کي پڪڙايو ۽ کيس گورنر پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو هو.


ياد رکو، جيڪو پنهنجي سچي هئڻ جي ساراهہ پاڻ ٿو ڪري سو قبول نہ ٿو پوي، پر اهو ئي قبول پوي ٿو جيڪو پرميشور آڏو سچو آهي.


انهن سنتن تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن سنديش ڏيندڙن جي معرفت ملي، جن آڪاش مان موڪليل پوِتر آتما جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو دوت بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا.


مسيح جي ئي وسيلي اوهين ايشور تي وشواس رکو ٿا. هن کيس مئلن مان جيوت ڪري مهانتا بخشي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو وشواس ۽ آسرو ايشور تي ئي هجي.


هائو، جڏهن يسوع کي ايشور پتا مان‌سمان ۽ مهانتا بخشي، تڏهن انهيءَ وڏي مهانتا واري ايشور وٽان اتي هي آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ