Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:53 - Hindu Sindhi Bible

53 اسان جو پتا ابرهام جيڪو مري ويو تنهن کان بہ تون وڏو آهين ڇا؟ سنديش ڏيندڙ سنت بہ مري ويا. تون پاڻ کي ڇا ٿو سمجھين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

53 اسان جو ابو ابراهيم، جو مري ويو، تنهن کان بہ تون وڏو آهين ڇا؟ ۽ نبي مري ويا: تون پاڻ کي ڇا ٿو سمجهين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

53 اسان جو پيءُ ابراهيم جيڪو مري ويو تنهن کان بہ تون وڏو آهين ڇا؟ نبي بہ مري ويا. تون پاڻ کي ڇا ٿو سمجھين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

53 اسان جو پيءُ ابراھيم جيڪو مري ويو تنھن کان بہ تون وڏو آھين ڇا؟ نبي بہ مري ويا تہ تون پاڻ کي ڇا ٿو سمجھين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:53
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو بہ آهي جيڪو هيڪل کان بہ وڏو آهي.


ائين نہ سمجھو تہ اوهين ابرهام جو اولاد هئڻ ڪري بچي ويندا. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ايشور هنن پٿرن مان بہ ابرهام لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.


تنهن تي ماڻهن وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنهن چڱي ڪم ڪرڻ جي ڪري نہ، پر ايشور جي نندا ڪرڻ ڪري سنگسار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ تون انسان ٿي ڪري پاڻ کي ايشور سڏين ٿو.“


تنهن تي ماڻهن چيو تہ ”اسان پوِتر شاستر جي اها ڳالهہ ٻڌي آهي تہ مسيح هميشہ جيوت رهندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ منش‌پتر ضرور مٿي چاڙهيو ويندو؟ اهو منش‌پتر ڪير آهي؟“


تنهن تي انهن ماڻهن زور ڀري چيو تہ ”اسان وٽ موسيٰ جو نيم آهي ۽ ان موجب هو موت جي لائق آهي، ڇاڪاڻ تہ هن ايشور جو پٽ هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.“


ڇا اوهين اسان جي ڏاڏي يعقوب کان بہ وڏا آهيو، جنهن هي کوهہ اسان کي ڏنو هو؟ هِن مان هو پاڻ، سندس پٽ ۽ سندس مال سڀيئي پاڻي پيئندا هئا.“


هن ڳالهہ جي ڪري يهودي اڳواڻ هيڪاري کيس مارڻ جا وجھہ ڳولڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن نہ رڳو سبت جو قاعدو ٿي ڀڳو، بلڪ ايشور کي پنهنجو پتا سڏي پاڻ کي ايشور جي برابر ٿي ڪيائين.


يسوع وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ابرهام جي جنم کان بہ اڳي آءٌ آهيان.“


اهي ئي ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب جو اولاد آهن ۽ شرير جي لحاظ کان مسيح بہ انهن مان ئي آهي. واہ! شل ايشور، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آهي، تنهن جي مهما هميشہ ٿئي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ