Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:47 - Hindu Sindhi Bible

47 جيڪو بہ ايشور جو آهي سو ايشور جون ڳالهيون ٻڌي ٿو. پر اوهين انهيءَ ڪري نہ ٿا ٻڌو جو اوهين ايشور جا نہ آهيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

47 جيڪو خدا وٽان آهي، سو خدا جون ڳالهيون ٿو ٻُڌي، اوهين انهي ڪري اُهي نٿا ٻُڌو، ڇالاءِ تہ اوهين خدا وٽان نہ آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

47 جيڪو بہ خدا جو آهي سو خدا جون ڳالهيون ٻڌي ٿو. پر اوهين انهيءَ ڪري نہ ٿا ٻڌو جو اوهين خدا جا نہ آهيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

47 جيڪو خدا وٽان اچي ٿو سو خدا جون ڳالھيون ٻڌي ٿو. اوھين انھيءَ ڪري نہ ٿا ٻڌو ڇالاءِ⁠جو اوھين خدا وٽان نہ آيا آھيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:47
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو مون کي ۽ منهنجي ڳالهين کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي پاپي قرار ڏيڻ وارو هڪڙو ئي آهي، يعني منهنجو سنديش، جيڪو انتم ڏينهن هن کي پاپي قرار ڏيندو.


تنهن تي پلاطس پڇيس تہ ”پوءِ ڇا تون راجا آهين؟“ يسوع وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ. آءٌ انهيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ هن سنسار ۾ آيس تہ سچ جي شاهدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آهي سو منهنجي ٻڌي ٿو.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اها گھڙي اچي رهي آهي بلڪ اچي پهتي آهي، جڏهن مئل ماڻهو ايشور جي پٽ جو آواز ٻڌندا ۽ جيڪي ٻڌندا سي جيوت ٿيندا.


هن وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ ڪري ئي مون اوهان کي ٻڌايو آهي تہ ايستائين ڪوبہ مون وٽ اچي نہ ٿو سگھي، جيستائين پتا کانئس ائين نہ ٿو ڪرائي.“


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ابرهام جو اولاد آهيو. پوءِ بہ اوهين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي ڳالهين کي دل ۾ جاءِ نہ ٿا ڏيو.


اوهين منهنجو ڳالهائڻ ڇو نہ ٿا سمجھو؟ اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ اوهين منهنجي ڳالهين کي ٻڌي نہ ٿا سگھو.


تنهنڪري ئي اوهين مون تي يقين نہ ٿا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سچائي ٻڌايان ٿو.


سو ڪير ايشور جو ٻار آهي ۽ ڪير شيطان جو؟ اهو هن مان معلوم ٿئي ٿو تہ جيڪو سچائيءَ جا ڪم نہ ٿو ڪري ۽ جيڪو پنهنجي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري سو ايشور جو ٻار نہ آهي.


جنهن جو اهو وشواس آهي تہ يسوع ئي مسيح آهي، سو ايشور جو ٻار بڻيو آهي. ڏسو، هن سنسار ۾ جيڪو ڪنهن پتا سان پيار ٿو ڪري، سو سندس اولاد سان بہ پيار ٿو ڪري.


جيڪو بہ مسيح جي سکيا تي قائم نہ ٿو رهي ۽ هٽي ڪري پنهنجيون ڳالهيون ٿو ڪري، تنهن وٽ ايشور موجود نہ آهي. پر جيڪو مسيح جي سکيا تي قائم رهي ٿو، تنهن وٽ پتا بہ آهي ۽ پٽ بہ.


منهنجا پيارا! بڇڙائيءَ جي نہ، پر چڱائيءَ جي رستي تي هل. جيڪو چڱائي ڪري ٿو سو ايشور جو ٻار آهي ۽ جيڪو بڇڙائي ڪري ٿو تنهن ايشور کي ڪڏهن بہ نہ ڄاتو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ