Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:46 - Hindu Sindhi Bible

46 اوهان مان ڪو اهڙو آهي جيڪو ثابت ڪري تہ مون ڪو پاپ ڪيو آهي؟ جيڪڏهن آءٌ سچائي ٻڌايان ٿو تہ پوءِ اوهين مون تي ڇو نہ ٿا يقين ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

46 اوهان مان ڪير مون تي گناهہ ثابت ٿو ڪري؟ جي آئون سچ ٿو چوان تہ اوهين ڇو نٿا مون تي ايمان آڻيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

46 اوهان مان ڪو اهڙو آهي جيڪو ثابت ڪري تہ مون ڪو گناهہ ڪيو آهي؟ جيڪڏهن آءٌ سچائي ٻڌايان ٿو تہ پوءِ اوهين مون تي ڇو نہ ٿا يقين ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

46 اوھان مان ڪو اھڙو آھي، جيڪو ثابت ڪري تہ مون گناھہ ڪيو آھي؟ جيڪڏھن آءٌ سچ ٿو چوان تہ پوءِ اوھين مون تي ڇو نہ ٿا ايمان آڻيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:46
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻڌايو تہ يوحنا جيڪا بپتسما ٿي ڏني سا ڪنهن جي طرفان هئي، ايشور جي طرفان هئي يا انسان جي طرفان؟“ تنهن تي اهي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”جيڪڏهن ’ايشور جي طرفان‘ ٿا چئون تہ هو اسان کي چوندو تہ ’پوءِ اوهان هن تي يقين ڇو نہ ڪيو؟‘


تنهن تي اهي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ڇا چئون؟ جيڪڏهن جواب ۾ چئون ٿا تہ ’ايشور جي طرفان،‘ تہ هو چوندو تہ ’پوءِ اوهان يوحنا جي ڳالهين تي ڇو يقين نہ ڪيو؟‘


هن کان پوءِ آءٌ اوهان سان گھڻو نہ ڳالهائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن سنسار جو سردار اچي رهيو آهي. انهيءَ جو مقصد اهو نہ آهي تہ هن جو مون تي ڪو اختيار آهي.


جيڪڏهن اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوهين منهنجي پيار ۾ رهندا، جهڙيءَ طرح مون پنهنجي پتا جي حڪمن تي عمل ڪيو آهي ۽ سندس پيار ۾ رهان ٿو.


جڏهن هو ايندو تڏهن ظاهر ڪندو تہ سڄو سنسار پاپ، سچائيءَ ۽ عدالت جي باري ۾ ڪيڏو نہ ڀَٽڪيل آهي،


تنهن تي پلاطس پڇيس تہ ”پوءِ ڇا تون راجا آهين؟“ يسوع وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ. آءٌ انهيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ هن سنسار ۾ آيس تہ سچ جي شاهدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آهي سو منهنجي ٻڌي ٿو.“


جيڪو بہ ايشور جو آهي سو ايشور جون ڳالهيون ٻڌي ٿو. پر اوهين انهيءَ ڪري نہ ٿا ٻڌو جو اوهين ايشور جا نہ آهيو.“


جڏهن هو کانئس بار بار پڇندا رهيا، تڏهن هن ڪنڌ مٿي ڪري چين تہ ”اوهان مان جنهن ڪڏهن بہ ڪو پاپ نہ ڪيو هجي، سو پهريائين هن ناريءَ کي پٿر هڻي.“


مسيح جيڪو پاپ کان پوِتر هو، تنهن کي ايشور اسان جي واسطي پاپ جو ٻليدان مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان ايشور جي سچائي ظاهر ٿئي.


اهو اهڙو سردار ڪاهن ناهي جيڪو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو همدرد نہ ٿي سگھي، پر هو اهڙو آهي جيڪو اسان وانگر هر طرح سان آزمايو ويو، تڏهن بہ پاپي نہ رهيو.


سو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گھرج هئي جيڪو پوِتر، بي‌ڏوهہ، بي‌عيب، پاپين کان ڌار ۽ مٿي آڪاش تائين بلند ڪيو ويو هجي.


پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”هن نڪي ڪو پاپ ڪيو ۽ نہ ئي سندس زبان مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالهہ نڪتي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ