Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:44 - Hindu Sindhi Bible

44 اوهين پنهنجي پتا شيطان جو اولاد آهيو ۽ پنهنجي پتا جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. هو تہ شروعات کان وٺي خوني آهي ۽ ڪڏهن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو اٿائين، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ سچ آهي ئي ڪين. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي تہ پنهنجي فطرت موجب ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو ڪوڙو آهي، بلڪ ڪوڙ جو باني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

44 اوهين پنهنجي پيءُ شيطان جا آهيو، ۽ مرضي اٿوَ تہ پنهنجي پيءُ جي خواهشن تي هلو. هُو تہ شروع کان ئي خوني هو، ۽ سچ تي نہ بيٺو، ڇالاءِ تہ سچ منجهس آهي ئي ڪونہ. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي، تہ پاڻو ٿو ڳالهائي، ڇوتہ هو ڪوڙو آهي ۽ ڪوڙ جو باني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

44 اوهين پنهنجي پيءُ ابليس جو اولاد آهيو ۽ پنهنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. هو تہ شروعات کان وٺي خوني آهي ۽ ڪڏهن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو اٿائين، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ سچ آهي ئي ڪين. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي تہ پنهنجي فطرت موجب ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو ڪوڙو آهي، بلڪ ڪوڙ جو باني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

44 اوھين پنھنجي پيءُ يعني شيطان جا فرزند آھيو ۽ پنھنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. شروعات کان وٺي ھو خوني ھو ۽ ھن ڪڏھن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن ۾ سچ نہ آھي. جڏھن ھو ڪوڙ ٿو ڳالھائي تہ پنھنجي طبيعت موجب ٿو ڳالھائي، ڇالاءِ⁠جو ھو ڪوڙو آھي ۽ ڪوڙ جو باني آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:44
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اي نانگ جا ٻچؤ! اوهين ڪيئن چڱيون ڳالهيون چئي سگھو ٿا، جڏهن تہ اوهين پاڻ بڇڙا آهيو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.


انهيءَ سبب جو هن قوم جي عقل کي تالو لڳل آهي. اهي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آهن، ۽ انهن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، انهيءَ لاءِ تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن، پنهنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پوءِ پنهنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبهہ‌تائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘


۽ ٻني هي سنسار آهي. سٺو ٻج اهي ماڻهو آهن جيڪي آڪاش جي راڄ سان واسطو رکن ٿا ۽ ڪانڊيرا اهي ماڻهو آهن جيڪي شيطان سان واسطو رکن ٿا.


تڏهن يسوع انهن کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ مون اوهان ٻارهن کي چونڊيو آهي، تنهن هوندي بہ اوهان ۾ هڪ اهڙو آهي جيڪو شيطان آهي.“


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايشور جي مرضيءَ موجب هلڻ چاهي ٿو تہ هو انهيءَ سکيا بابت ڄاڻي وٺندو تہ اها ايشور وٽان آهي يا آءٌ پنهنجي طرفان ٿو ڏيان.


آءٌ اوهان کي اهو ٻڌايان ٿو جيڪي مون پتا وٽ ڏٺو آهي، پر اوهين اهي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوهان پنهنجي پتا کان ٻڌا آهن.“


اوهين اهي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوهان جي پتا ڪيا آهن.“ تڏهن انهن وراڻيو تہ ”اسين ناجائز اولاد آهيون ڇا؟ اسان جو پتا تہ هڪڙو ئي آهي، يعني ايشور.“


تڏهن بہ اوهان هن کي ڪونہ ڄاتو آهي، پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو. جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ هن کي نہ ٿو ڄاڻان تہ آءٌ بہ اوهان جهڙو ڪوڙو ٿيندس. پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو ۽ سندس ڳالهين تي عمل ڪريان ٿو.


۽ چيائينس تہ ”اي شيطان جا پٽ! تون هر نيڪيءَ جو دشمن آهين ۽ هر قسم جي ٺڳيءَ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريل آهين. تون پرميشور جي سڌي رستي کي بگاڙي پيش ڪرڻ کان مُڙي ڇو نہ ٿو وڃين؟


پوءِ يهودي بہ انهن الزامن هڻڻ ۾ وڪيل سان شامل ٿي ويا ۽ چيائون تہ ”اهي ڳالهيون برابر ائين ئي آهن.“


تنهن تي پطرس چيس تہ ”اي حننياہ! ڇو شيطان تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال وڌو، جو تو پوِتر آتما سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ ٻنيءَ جي پئسن مان ڪجھہ پاڻ وٽ رکي ڇڏيئِہ؟


پر مون کي اهو ڊپ آهي تہ جيئن نانگ پنهنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنهن نموني اوهان جا خيال بہ انهيءَ سچائيءَ ۽ پوِترتائيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح جي لائق آهن.


هوشيار ۽ سجاڳ رهو. اوهان جو دشمن شيطان گجندڙ شينهن وانگر چوڌاري ڦري وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي چيري ڦاڙي کائي.


انهيءَ لاءِ هي مثال ڏسو تہ ايشور انهن دوتن کي بہ نہ بخشيو جن پاپ ڪيو، بلڪ کين پاتال ۾ وجھي اونداهين غارن ۾ بند ڪري ڇڏيائين، انهيءَ لاءِ تہ عدالت جي ڏينهن تائين قيد ۾ رهن.


جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان ۾ پاپ آهي ئي ڪونہ، تہ پوءِ اسين پاڻ کي ٺڳيون ٿا ۽ اسان ۾ سچ موجود ڪونهي.


مون اوهان ڏانهن هن ڪري نہ لکيو آهي تہ اوهين سچ کان اڻ‌ڄاڻ آهيو. پر انهيءَ لاءِ لکيو اٿم تہ اوهين سچ کي ڄاڻو ٿا ۽ هي بہ ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ ڪوڙ سچ مان نہ ٿو نڪري.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ٿو تہ ”آءٌ ايشور کي ڄاڻان ٿو،“ پر سندس حڪمن تي عمل نہ ٿو ڪري تہ اهو شخص ڪوڙو آهي ۽ هن ۾ سچ اصل موجود ڪونہ آهي.


اوهين قائن وانگر نہ ٿجو، جيڪو شيطان جي ٽولي مان هو ۽ پنهنجي ڀاءُ جو خون ڪيائين. قائن پنهنجي ڀاءُ جو خون ڇو ڪيو؟ انهيءَ ڪري جو قائن جا ڪم بڇڙا هئا، جڏهن تہ سندس ڀاءُ جا ڪم سچائيءَ وارا هئا.


جيڪو بہ پنهنجي ڪنهن هم‌وشواسيءَ سان دشمني ٿو رکي سو خوني آهي ۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ خوني امر جيون جي حالت ۾ نہ آهي.


اهڙيءَ طرح جن دوتن پنهنجي مليل اختيار واري حيثيت قائم نہ رکندي پنهنجي مقرر جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي ايشور ابناسي زنجيرن سان قيد ڪري فيصلي لاءِ مهان ڏينهن، يعني عدالت واري ڏينهن تائين اونداهيءَ ۾ رکيو آهي.


اهو وڏو ازدها يعني قديم نانگ، جيڪو تهمت هڻندڙ يا شيطان بہ سڏبو آهي ۽ جيڪو سڄي سنسار کي ڀَٽڪائي ٿو، تنهن کي آڪاش مان ڪڍي سندس دوتن سميت ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو.


اُن حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي روبرو ڌرتيءَ جي رهاڪن کي ڀَٽڪائڻ لاءِ چمتڪار ڏيکاري. انهن چمتڪارن جي ڪري هو ڀَٽڪي رهيا هئا. هُن کين چيو تہ انهيءَ حيوان جو بت بڻايو جنهن کي تلوار سان زخمي ڪري ماريو ويو، جيڪو پوءِ جيوت ٿي پيو هو.


جيڪي تڪليفون اوهان کي سهڻيون پون تن کان نہ ڊڄجو. ياد رکو تہ شيطان آزمائڻ لاءِ اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجھرائيندو ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان کي ستايو ويندو. اوهين مرڻ گھڙيءَ تائين وشواس تي قائم رهو تہ آءٌ اوهان کي جيون جو تاج پارائيندس.


پر جيڪي ڊڄڻا، وشواس کان ڦرندڙ، ڪراهت جهڙا، قاتل، زناڪار، جادوگر، بتن جا پوجاري ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جي جاءِ اها ڍنڍ هوندي، جيڪا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ڀڙڪي. اهو ئي ٻيو موت آهي.“


پر ڪتا، يعني جادوگر، زناڪار، قاتل، بتن جا پوجاري، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شهر کان ٻاهر هوندا.


انهيءَ ماڪڙ جو راجا اوڙاهہ وارو دوت هو، جنهن جو نالو عبراني ٻوليءَ ۾ ابدون ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ اپليون آهي، جن جي معنيٰ آهي ”ناس ڪندڙ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ