Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:43 - Hindu Sindhi Bible

43 اوهين منهنجو ڳالهائڻ ڇو نہ ٿا سمجھو؟ اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ اوهين منهنجي ڳالهين کي ٻڌي نہ ٿا سگھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

43 اوهين منهنجو ڳالهائڻ ڇو نٿا سمجهو؟ ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجو ڪلام ٻُڌڻ نٿا گهُرو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

43 اوهين منهنجو ڳالهائڻ ڇو نہ ٿا سمجھو؟ اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ اوهين منهنجي ڳالهين کي ٻڌي نہ ٿا سگھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

43 اوھين منھنجو ڳالھائڻ ڇو نہ ٿا سمجھو؟ اھو انھيءَ لاءِ تہ اوھين منھنجي ڪلام کي ٻڌي نہ ٿا سگھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:43
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ سبب جو هن قوم جي عقل کي تالو لڳل آهي. اهي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آهن، ۽ انهن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، انهيءَ لاءِ تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن، پنهنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پوءِ پنهنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبهہ‌تائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اها گھڙي اچي رهي آهي بلڪ اچي پهتي آهي، جڏهن مئل ماڻهو ايشور جي پٽ جو آواز ٻڌندا ۽ جيڪي ٻڌندا سي جيوت ٿيندا.


آءٌ تہ پنهنجي پتا جي اختياريءَ سان آيو آهيان ۽ اوهين مون کي قبول نہ ٿا ڪريو. پر جيڪڏهن ڪو ٻيو پنهنجي پاران آيو تہ اوهين انهيءَ کي قبول ڪندا.


اهي ڳالهيون ٻڌي سندس چيلن مان ڪيترا ئي چوڻ لڳا تہ ”هيءَ ڳالهہ ڏاڍي ڏکي آهي. اها ڪير ٻڌي سگھندو؟“


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايشور جي مرضيءَ موجب هلڻ چاهي ٿو تہ هو انهيءَ سکيا بابت ڄاڻي وٺندو تہ اها ايشور وٽان آهي يا آءٌ پنهنجي طرفان ٿو ڏيان.


انهن اهو نہ سمجھيو تہ هو ساڻن پتا بابت ڳالهائي رهيو آهي.


تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”اسين ابرهام جو اولاد آهيون ۽ ڪڏهن بہ ڪنهن جا غلام نہ ٿيا آهيون، تہ پوءِ تنهنجي انهيءَ چوڻ جو مقصد ڇا آهي تہ ’اوهين آزاد ٿيندا‘؟“


تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”اسان جو پتا تہ ابرهام آهي.“ يسوع چين تہ ”جيڪڏهن اوهين ابرهام جو اولاد هجو ها تہ اوهين بہ انهيءَ جهڙا ڪم ڪريو ها.


استيفنس کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ضدي آهيو، اوهان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦِريل آهن ۽ ايشور جو سنديش ٻڌڻ لاءِ اوهان جا ڪن ٻوڙا آهن. جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا هئا، تيئن ئي اوهين بہ هميشہ پوِتر آتما جي مخالفت ڪندا آهيو.


ڪوبہ سمجھو نہ آهي، ڪوبہ ايشور جو ڳولائو نہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ