Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:39 - Hindu Sindhi Bible

39 تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”اسان جو پتا تہ ابرهام آهي.“ يسوع چين تہ ”جيڪڏهن اوهين ابرهام جو اولاد هجو ها تہ اوهين بہ انهيءَ جهڙا ڪم ڪريو ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 هنن جواب ڏيئي چيس، تہ اسان جو پيءُ تہ ابراهيم آهي. يسوع چين تہ جي اوهين ابراهيم جو اولاد هجو ها، تہ هوند ابراهيم جهڙا ڪم ڪريو ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

39 تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”اسان جو پيءُ تہ ابراهيم آهي.“ عيسيٰ چين تہ ”جيڪڏهن اوهين ابراهيم جو اولاد هجو ها تہ اوهين بہ انهيءَ جهڙا ڪم ڪريو ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

39 تنھن تي انھن وراڻيو تہ ”اسان جو پيءُ تہ ابراھيم آھي.“ عيسيٰ چين تہ ”جيڪڏھن اوھين ابراھيم جو اولاد ھجو ھا تہ اوھين بہ انھيءَ جھڙا ڪم ڪريو ھا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:39
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ائين نہ سمجھو تہ اوهين ابرهام جو اولاد هئڻ ڪري بچي ويندا. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ايشور هنن پٿرن مان بہ ابرهام لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.


تہ جيئن اوهان جو پتا، جيڪو آڪاش تي آهي تنهن جا اوهين ٻار ٿيو. هو چڱن توڙي بڇڙن تي پنهنجو سج هڪجهڙو اُڀاري ٿو ۽ سچارن توڙي بدڪارن ٻنهي تي هڪجهڙو مينهن وسائي ٿو.


تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”اسين ابرهام جو اولاد آهيون ۽ ڪڏهن بہ ڪنهن جا غلام نہ ٿيا آهيون، تہ پوءِ تنهنجي انهيءَ چوڻ جو مقصد ڇا آهي تہ ’اوهين آزاد ٿيندا‘؟“


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ابرهام جو اولاد آهيو. پوءِ بہ اوهين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي ڳالهين کي دل ۾ جاءِ نہ ٿا ڏيو.


اوهين منهنجو ڳالهائڻ ڇو نہ ٿا سمجھو؟ اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ اوهين منهنجي ڳالهين کي ٻڌي نہ ٿا سگھو.


اوهان جي پتا ابرهام کي اميد هئي تہ هو منهنجي اچڻ جو ڏينهن ڏسندو، سو هو ڏاڍو خوش هو. پوءِ هن اهو ڏينهن ڏٺو ۽ بيحد خوش ٿيو.“


ان سان گڏوگڏ هو انهن ختنو ٿيلن جو بہ پتا آهي، جيڪي نہ رڳو ختنو ٿيل آهن پر وشواس وارو اهڙو جيون گذارين ٿا جهڙو اسان جي پتا ابرهام ختني کان اڳ واريءَ حالت ۾ گذاريو.


تنهنڪري اهو وچن وشواس رکڻ جي بنياد تي آهي تہ جيئن اهو ايشور جي ڪرپا جي بخشش هجي، جيڪو ابرهام جي سڄي اولاد لاءِ قائم رهي. هي نہ رڳو انهن لاءِ آهي جن وٽ نيم آهي، پر انهن لاءِ بہ آهي جيڪي ابرهام وانگر وشواس آڻين ٿا. اهڙيءَ طرح ابرهام اسان سڀني جو پتا آهي،


۽ نہ وري ابرهام جي پيڙهيءَ مان هئڻ ڪري اهي سڀ ايشور جا ٻار ليکيا ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو پوِتر شاستر ۾ ابرهام کي فرمايو ويو آهي تہ ”تنهنجي پيڙهي اضحاق مان ئي سڏي ويندي.“


هاڻي جيڪڏهن اوهين مسيح جا آهيو تہ پوءِ ابرهام جي پيڙهي آهيو ۽ ايشور جي وچن موجب وارث بہ آهيو.


سو ڄاڻي ڇڏيو تہ جيڪي وشواسي آهن، حقيقت ۾ اهي ئي ابرهام جو اولاد آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ