Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:38 - Hindu Sindhi Bible

38 آءٌ اوهان کي اهو ٻڌايان ٿو جيڪي مون پتا وٽ ڏٺو آهي، پر اوهين اهي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوهان پنهنجي پتا کان ٻڌا آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 جيڪي مون پنهنجي پيءُ وٽ ڏٺو آهي سو چوان ٿو: ۽ اوهان وري جيڪي پنهنجي پيءُ کان ٻُڌو آهي، سو ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 آءٌ اوهان کي اهو ٻڌايان ٿو جيڪي مون پيءُ وٽ ڏٺو آهي، پر اوهين اهي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوهان پنهنجي پيءُ کان ٻڌا آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

38 آءٌ اوھان کي اھو ٻڌايان ٿو جيڪي مون پيءُ وٽ ڏٺو آھي، پر اوھين اھي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوھان پنھنجي پيءُ کان ٻڌا آھن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:38
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يوحنا جڏهن ڏٺو تہ ڪيترائي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن، تڏهن انهن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين ايشور جي ايندڙ ڏمر کان بچي سگھندا؟


ڇا تو کي يقين نہ آهي تہ آءٌ پتا ۾ آهيان ۽ پتا مون ۾ آهي؟ جيڪي ڳالهيون آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو سي پنهنجي طرفان نہ، پر پتا جي طرفان ٿو ٻڌايان. هائو، پتا، جيڪو مون ۾ رهي ٿو سو پنهنجا ڪم پاڻ ڪري ٿو.


جيڪو مون سان پيار نہ ٿو ڪري سو منهنجي ڳالهين تي عمل نہ ٿو ڪري. جڏهن تہ اهي ڳالهيون جيڪي اوهان ٻڌيون آهن، سي منهنجيون نہ پر پتا جون آهن، جنهن مون کي موڪليو آهي.


جيڪو سنديش تو مون کي ڏنو، سو مون انهن تائين پهچايو آهي ۽ انهن اهو قبول ڪيو آهي. انهن اها حقيقت ڄاڻي ورتي آهي تہ آءٌ تو وٽان آيو آهيان، بلڪ سندن وشواس آهي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


هن پاڻ جيڪي ڪجھہ اتي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، تنهن جي ئي شاهدي ڏئي ٿو، پر سندس شاهدي ڪوبہ قبول نہ ٿو ڪري.


تنهنڪري يسوع يهودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ پٽ پنهنجو پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. هو رڳو اهي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنهنجي پتا کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پتا ڪري ٿو سو ئي پٽ ٿو ڪري.


”آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھان، پر جيئن ايشور مون کي ٻڌائي ٿو تيئن ئي فيصلو ڪريان ٿو. تنهنڪري منهنجو فيصلو صحيح آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي مرضيءَ موجب نہ، بلڪ انهيءَ جي مرضيءَ موجب ڪم ڪريان ٿو، جنهن مون کي موڪليو آهي.


مون وٽ اوهان بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جن مان اوهين ڏوهاري ثابت ٿيندا. پر آءٌ رڳو اهي ئي ڳالهيون سنسار کي ٻڌايان ٿو، جيڪي مون انهيءَ کان ٻڌيون آهن جنهن مون کي موڪليو آهي ۽ اهو سچو آهي.“


اوهين اهي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوهان جي پتا ڪيا آهن.“ تڏهن انهن وراڻيو تہ ”اسين ناجائز اولاد آهيون ڇا؟ اسان جو پتا تہ هڪڙو ئي آهي، يعني ايشور.“


اوهين پنهنجي پتا شيطان جو اولاد آهيو ۽ پنهنجي پتا جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. هو تہ شروعات کان وٺي خوني آهي ۽ ڪڏهن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو اٿائين، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ سچ آهي ئي ڪين. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي تہ پنهنجي فطرت موجب ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو ڪوڙو آهي، بلڪ ڪوڙ جو باني آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ