Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:23 - Hindu Sindhi Bible

23 يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين هيٺ جا آهيو، پر آءٌ مٿان آيو آهيان. هائو، اوهين هن سنسار جا آهيو، پر آءٌ هن سنسار جو نہ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ هن چين تہ اوهين آهيو هيٺ جا، ۽ آئون آهيان مٿان جو: اوهين هن دنيا جا آهيو، آئون هن دنيا جو نہ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين هيٺ جا آهيو، پر آءٌ مٿان آيو آهيان. هائو، اوهين هن دنيا جا آهيو، پر آءٌ هن دنيا جو نہ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 عيسيٰ وراڻيو تہ ”اوھين ھيٺ جا آھيو، پر آءٌ مٿان آيو آھيان. اوھين ھن دنيا جا آھيو، پر آءٌ ھن دنيا جو نہ آھيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:23
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو وچن انساني روپ ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جوت ڏٺي، جيڪا هن کي پتا جي هڪڙي ئي پٽ هئڻ ڪري ملي ۽ هو ڪرپا ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.


مون تنهنجو سنديش انهن جي حوالي ڪيو آهي. سو سنسار انهن کان نفرت ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ جيئن آءٌ سنسار جو نہ آهيان، تيئن اهي بہ سنسار جا نہ آهن.


جيئن آءٌ سنسار جو نہ آهيان تيئن اهي بہ سنسار جا نہ آهن.


ڪوبہ آڪاش ڏانهن مٿي چڙهي نہ ويو آهي. رڳو هڪڙو ئي آهي جيڪو آڪاش مان آيو آهي، يعني منش‌پتر.


جيڪو مٿان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاهون آهي. جيڪو سنسار سان واسطو رکي ٿو سو سنسار جو آهي ۽ سنسار جون ئي ڳالهيون ڪري ٿو. بيشڪ جيڪو ايشور وٽان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاهون آهي.


اي بي‌وفا انسانؤ! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ سنسار جي دوستي ايشور سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو ماڻهو سنسار جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي ايشور جو دشمن ٿو بڻائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ