Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:15 - Hindu Sindhi Bible

15 اوهين رڳو انساني طرح فيصلو ڪريو ٿا، پر آءٌ ڪنهن جو بہ فيصلو نہ ٿو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 اوهين جسماني طور فيصلو ٿا ڪريو، آئون ڪنهن جو بہ فيصلو نٿو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 اوهين رڳو انساني طرح فيصلو ڪريو ٿا، پر آءٌ ڪنهن جو بہ فيصلو نہ ٿو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 اوھين رڳو انساني طرح فيصلو ڪريو ٿا پر آءٌ ڪنھن جو بہ فيصلو نہ ٿو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:15
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر يسوع کيس چيو تہ ”ميان! مون کي اوهان جي ونڊ ورڇ لاءِ ڪنهن امين مقرر ڪيو آهي؟“


جيڪو منهنجيون ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، تنهن کي آءٌ پاپي قرار نہ ٿو ڏيان. آءٌ سنسار کي پاپي قرار ڏيڻ لاءِ نہ، بلڪ انهيءَ کي بچائڻ لاءِ آيو آهيان.


يسوع وراڻيو تہ ”منهنجو راڄ هن سنسار جو نہ آهي. جيڪڏهن اهو هن سنسار جو هجي ها تہ جيڪر منهنجا سيواداري منهنجي لاءِ وڙهن ها، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ يهودي اڳواڻن جي حوالي نہ ڪيو وڃان. پر نہ، منهنجو راڄ هن سنسار جو نہ آهي.“


ايشور پنهنجو پٽ سنسار ۾ انهيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ هو سنسار کي پاپي قرار ڏئي، پر انهيءَ لاءِ موڪليائين تہ هن جي ئي وسيلي سنسار کي مڪتي ملي.


ظاهري ڳالهيون ڏسي فيصلو نہ ڪريو، پر انصاف سان فيصلو ڪريو.“


انهيءَ ناريءَ وراڻيو تہ ”سوامي! نہ، ڪوبہ ڪونهي.“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”چڱو آءٌ بہ تو کي پاپي نہ ٿو قرار ڏيان. سو وڃ، پر وري پاپ نہ ڪجانءِ.“


هاڻ اي انسان! تون جيڪو ٻين جا عيب ٿو اُگھاڙين، پوءِ تون کڻي ڪير بہ هجين تو کي انهيءَ جو ڪوبہ حق نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ جن ڪمن جو الزام تون ٻين تي ٿو هڻين، سي ڪم تہ تون خود ڪري پاڻ کي ڏوهاري ٿو قرار ڏئين.


جنهن ماڻهوءَ ۾ پوِتر آتما رهي ٿي، سو سڀني ڳالهين کي پرکي ٿو سگھي، پر خود انهيءَ پوِتر آتما واري کي بنا پوِتر آتما وارو ڪوبہ پرکي نہ ٿو سگھي،


تنهنڪري هاڻي کان اسين ڪنهن کي بہ سنساري نظر سان نہ ٿا ڏسون. پهريائين اسان مسيح کي بہ سنساري نظر سان ٿي ڏٺو، پر هاڻي ائين نہ ٿا ڪريون.


تڏهن ڇا اوهان پاڻ ۾ ٻِہ‌اکيائي نہ ڪئي؟ ۽ ڇا اوهين بري نيت وارا عدالت ڪندڙ نہ ٿيا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ