Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:4 - Hindu Sindhi Bible

4 ڏس، اهڙو ڪوبہ نہ آهي جيڪو مشهور ٿيڻ چاهي پر لڪي ڪم ڪري. سو جيڪڏهن تو کي اهي ڪم ڪرڻا ئي آهن تہ پوءِ پنهنجو پاڻ کي سنسار تي کُليءَ طرح ظاهر ڪر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ڇالاءِ تہ ڪوبہ اهڙو ڪونهي جو جيڪي ڪري سو لڪائي، ۽ پوءِ بہ ڀانئين تہ مشهور ٿيان. جي تون اهي ڪم ٿو ڪرين تہ جهان کي پاڻ پڌرو ڪري ڏيکار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 ڏس، اهڙو ڪوبہ نہ آهي جيڪو مشهور ٿيڻ چاهي پر لڪي ڪم ڪري. سو جيڪڏهن تو کي اهي ڪم ڪرڻا ئي آهن تہ پوءِ پنهنجو پاڻ کي دنيا تي کُليءَ طرح ظاهر ڪر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 ڇالاءِ⁠جو جيڪو مشھور ٿيڻ چاھيندو آھي سو پنھنجا ڪم نہ لڪائيندو آھي. جيئن تہ تون بہ اھي ڪم ڪري رھيو آھين، سو ڀل تہ سڄي دنيا تو کي ڏسي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:4
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا سو رڳو ڏيکاءَ لاءِ ٿا ڪن. انهيءَ لاءِ هو آيتن سان ڀريل وڏيون وڏيون پٽيون نرڙ ۽ ٻانهن تي ٻڌن ٿا ۽ جبن تي وڏا وڏا جھالردار ڦُندڻ بہ لڳائين ٿا.


چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ هتان پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’ايشور پنهنجي دوتن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، اهي تو کي پنهنجن هٿن تي جھلي وٺندا، تہ جيئن تنهنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“


”جڏهن اوهين وِرت رکو تہ پاکنڊين وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اهي منهن لٿل جو ڏيکاءُ انهيءَ لاءِ ٿا ڪن، تہ جيئن ماڻهو ڏسن تہ هنن وِرت رکيو آهي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو لاڀ ملي چڪو آهي.


”جڏهن اوهين پرارٿنا ڪريو تڏهن پاکنڊين وانگر نہ ٿيو. اهي ڀڳتيءَ وارين جاين ۽ رستن جي چونڪن تي بيهي پرارٿنا ڪندا آهن تہ جيئن هر هڪ انهن کي ڏسي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو لاڀ ملي چڪو.


هڪ چڱو ماڻهو پنهنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي دل جي بري خزاني مان بريون ڳالهيون ڪڍي ٿو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.“


يسوع وراڻيس تہ ”مون سنسار سان کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. آءٌ هميشہ ڀڳتيءَ وارين جاين ۽ هيڪل ۾ سکيا ڏيندو رهيو آهيان، جتي سڀ ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. مون ڳجھيءَ طور ڪابہ ڳالهہ نہ چئي آهي.


تڏهن سندس ڀائرن کيس چيو تہ ”هتان نڪري يهوديہ ڏانهن وڃ، تہ جيئن تنهنجا پوئلڳ بہ هي ڪم ڏسن جيڪي تون ڪري رهيو آهين.


سندس ڀائرن اهو انهيءَ ڪري چيس جو هنن جو بہ مٿس وشواس نہ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ