Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:30 - Hindu Sindhi Bible

30 تنهن تي ڪن ماڻهن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪوبہ کيس پڪڙي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن جو وقت اڃا ڪونہ آيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 تنهن تي هو کيس جهلڻ جي ڪوشش ۾ هئا، پر ڪنهن بہ هٿ نہ لاتس، ڇالاءِ جو اڃا سندس گهڙي ڪانہ آئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 تنهن تي ڪن ماڻهن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪوبہ کيس پڪڙي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن جو وقت اڃا ڪونہ آيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 تنھن تي انھن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪنھن بہ مٿس ھٿ نہ کنيو، ڇالاءِ⁠جو ھن جو وقت اڃا ڪونہ آيو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:30
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن فريسي ٻاهر نڪري پاڻ ۾ سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن يسوع کي ختم ڪجي.


تنهنڪري انهن ڪوشش ڪئي تہ يسوع کي پڪڙائين، پر کين ماڻهن جو ڊپ پئي ٿيو، ڇاڪاڻ تہ انهن کيس ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ڪري پئي مڃيو.


سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين جڏهن اهو ٻڌو تڏهن هو موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳا تہ ڪهڙي طريقي سان يسوع کي مارجي، ڇاڪاڻ تہ هو يسوع کان انهيءَ ڪري ڊڄن پيا جو سڄي خلق هن جي سکيا تي حيران هئي.


انهيءَ گھڙي ئي نيم شاسترين ۽ سردار ڪاهنن ڪوشش ڪئي تہ يسوع کي پڪڙايون، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ ”هن اهو مثال اسان تي آندو آهي.“ پر هو ماڻهن کان ڊنا ٿي.


آءٌ اوهان سان روزانو هيڪل ۾ گڏ هوندو هئس، پر اوهان اتي تہ مون تي هٿ بہ نہ کنيو. پر هاڻي اوهان جو وقت آهي ڇو تہ هي اونداهيءَ جو راڄ آهي.“


تنهن تي ماڻهن وري پٿر کنيا تہ جيئن کيس سنگسار ڪن.


تنهن تي هنن وري بہ يسوع کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو اتان کسڪي هليو ويو.


سردار ڪاهنن ۽ فريسين هي حڪم ڏيئي ڇڏيو هو تہ ”ڪنهن کي بہ سڌ پوي تہ يسوع ڪٿي آهي تہ اهو ضرور اطلاع ڏئي تہ جيئن کيس پڪڙيو وڃي.“


ڇا موسيٰ اوهان کي نيم نہ ڏنو هو؟ تڏهن بہ اوهان مان ڪو انهيءَ نيم تي عمل نہ ٿو ڪري. اوهين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“


يسوع بابت ماڻهن جي اها سُس پُس جڏهن فريسين ٻڌي تڏهن انهن ۽ سردار ڪاهنن گڏجي هيڪل جي ڪن پهريدارن کي موڪليو تہ جيئن هو کيس پڪڙين.


تنهن تي يسوع کين چيو تہ ”منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي، پر اوهان جو وقت تہ سدائين آهي.


اوهين ڀلي تهوار تي وڃو. آءٌ هن تهوار تي نہ ٿو وڃان، ڇاڪاڻ تہ منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي.“


يسوع اهي ڳالهيون ان وقت چيون جنهن وقت هو هيڪل ۾ دان وارين پيتين وٽ سکيا ڏيئي رهيو هو. اتي کيس ڪنهن بہ نہ پڪڙيو، ڇاڪاڻ تہ اڃا سندس وقت نہ آيو هو.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ابرهام جو اولاد آهيو. پوءِ بہ اوهين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي ڳالهين کي دل ۾ جاءِ نہ ٿا ڏيو.


تنهن تي انهن يسوع کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پٿر کنيا، پر يسوع پاڻ کي کڻي لڪايو ۽ هيڪل مان نڪري هليو ويو.


ضروري آهي تہ جيستائين ڏينهن آهي تيستائين اسين انهيءَ جا ڪم ڪريون، جنهن مون کي موڪليو آهي. پر جڏهن رات ايندي تڏهن ڪوبہ ماڻهو ڪم ڪري نہ سگھندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ