Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:28 - Hindu Sindhi Bible

28 تڏهن يسوع هيڪل ۾ سکيا ڏيندي وڏي واڪي چيو تہ ”ٺيڪ آهي، اوهين مون کي سڃاڻو ٿا ۽ اها بہ سڌ اٿوَ تہ آءٌ ڪٿان جو آهيان. پر هتي آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان نہ آيو آهيان، بلڪ انهيءَ وٽان موڪليو ويو آهيان جيڪو سچو آهي. اوهين انهيءَ کي نہ ٿا سڃاڻو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 پوءِ يسوع هيڪل ۾ تعليم ڏيندي وڏي آواز سان چيو، تہ اوهين مون کي سڃاڻو ٿا، ۽ خبر بہ اٿوَ تہ آئون ڪٿان جو آهيان؛ ۽ آئون پاڻو پاڻ نہ آيو آهيان، پر جنهن موڪليو اٿم، سو سچو آهي، جنهن کي اوهين نٿا سڃاڻو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 تڏهن عيسيٰ هيڪل ۾ تعليم ڏيندي وڏي واڪي چيو تہ ”ٺيڪ آهي، اوهين مون کي سڃاڻو ٿا ۽ اها بہ خبر اٿوَ تہ آءٌ ڪٿان جو آهيان. پر هتي آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان نہ آيو آهيان، بلڪ انهيءَ وٽان موڪليو ويو آهيان جيڪو سچو آهي. اوهين انهيءَ کي نہ ٿا سڃاڻو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 پوءِ عيسيٰ ھيڪل ۾ تعليم ڏيندي وڏي واڪي چيو تہ ”اوھين مون کي سڃاڻو ٿا ۽ اھا بہ خبر اٿوَ تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان. آءٌ پنھنجي مرضيءَ سان نہ آيو آھيان، بلڪ انھيءَ وٽان موڪليو ويو آھيان جيڪو سچو آھي پر اوھين کيس نہ ٿا سڃاڻو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:28
46 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پتا مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پتا کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي، نڪي پٽ کان سواءِ پتا کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.


۽ اچي ناصرت ڳوٺ ۾ رهيو. اهو ان ڪري ٿيو تہ سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”هو ناصري سڏيو ويندو.“


پوءِ يسوع انهن ماڻهن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل آهيان جو اوهين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ آيا آهيو؟ هيڪل ۾ ويهي آءٌ روزانو سکيا ڏيندو هئس، پر اتي تہ اوهان مون کي ڪڏهن بہ نہ پڪڙيو.


شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پتا مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پتا کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آهي ۽ پٽ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پتا ڪير آهي، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.“


ٻڌو، اڄ دائود جي ڳوٺ ۾ اوهان لاءِ هڪڙو مڪتي ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جيڪو مسيح ۽ پرڀو آهي.


يسوع جي ماتا پتا جڏهن موسيٰ جي معرفت پرميشور کان مليل نيم جي فرضن جي پالنا ڪئي، تڏهن گليل علائقي ۾ پنهنجي ڳوٺ ناصرت ڏانهن موٽيا.


جيئن تہ يوسف راجا دائود جي پيڙهيءَ مان هو، تنهنڪري هو بہ گليل جي ڳوٺ ناصرت کان يهوديہ علائقي جي ڳوٺ بيت‌لحم ڏانهن روانو ٿي ويو جيڪو راجا دائود جي جنم جو هنڌ هو،


پوءِ يسوع انهن سان گڏجي ناصرت ۾ آيو، جتي هو انهن جو فرمانبردار ٿي رهيو. هن جي ماتا هي سڀ ڳالهيون پنهنجي دل ۾ سانڍي رکيون.


نٿن‌ايل هن کي چيو تہ ”ناصرت مان بہ ڪا چڱي شيءِ نڪري سگھي ٿي ڇا؟“ تنهن تي فلپس چيس تہ ”ڀلا هلي ڏس.“


سو جڏهن پتا پاڻ مون کي مخصوص ڪيو آهي ۽ هن سنسار ۾ موڪليو اٿس، تہ پوءِ اوهين ڪيئن چئو ٿا تہ مون ايشور جي نندا ڪئي آهي جو چيو اٿم تہ ’آءٌ ايشور جو پٽ آهيان‘؟


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪي مون ڳالهايو آهي سو پنهنجي طرفان نہ، پر پتا جي طرفان ڳالهايو اٿم، جنهن مون کي موڪليو آهي. انهيءَ ئي مون کي حڪم ڏنو آهي تہ مون کي ڇا ڇا چوڻ ۽ ڳالهائڻ گھرجي.


ڇا تو کي يقين نہ آهي تہ آءٌ پتا ۾ آهيان ۽ پتا مون ۾ آهي؟ جيڪي ڳالهيون آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو سي پنهنجي طرفان نہ، پر پتا جي طرفان ٿو ٻڌايان. هائو، پتا، جيڪو مون ۾ رهي ٿو سو پنهنجا ڪم پاڻ ڪري ٿو.


پر اهو انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن سنسار ڄاڻي وٺي تہ آءٌ پتا سان پيار ڪريان ٿو ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪريان ٿو جنهن جو پتا مون کي حڪم ڏنو آهي. هاڻي اٿو تہ هتان هلون.“


اهي هي ڪم انهيءَ ڪري ڪندا جو انهن نہ پتا کي ڄاتو آهي ۽ نہ مون کي.


اي سچا پتا! سنسار تو کي نہ ڄاتو، پر آءٌ تو کي ڄاڻان ٿو. هنن چيلن بہ ڄاڻي ورتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي.


امر جيون اهو آهي تہ اهي تو هڪ سچي ايشور کي ۽ مون يسوع مسيح کي ڄاڻين، جنهن کي تو موڪليو آهي.


هڪ رات هو يسوع وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سوامي! اسين ڄاڻون ٿا تہ اوهين ايشور جي طرفان گرو ٿي آيا آهيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي چمتڪار اوهين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين ايشور ساڻس نہ هجي.“


جڏهن تہ جنهن بہ ماڻهوءَ اها شاهدي قبول ڪئي، تنهن اها تصديق ڪئي تہ ايشور سچو آهي.


پر هڪڙو ٻيو آهي جيڪو مون بابت شاهدي ٿو ڏئي ۽ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جيڪا شاهدي هو مون بابت ڏئي ٿو سا سچي آهي.


آءٌ تہ پنهنجي پتا جي اختياريءَ سان آيو آهيان ۽ اوهين مون کي قبول نہ ٿا ڪريو. پر جيڪڏهن ڪو ٻيو پنهنجي پاران آيو تہ اوهين انهيءَ کي قبول ڪندا.


انهن چيو تہ ”ڇا هي اهو يسوع نہ آهي جيڪو يوسف جو پٽ آهي؟ اسين تہ سندس ماتا پتا کي بہ سڃاڻون ٿا. پوءِ هي هاڻي ڪيئن ٿو چوي تہ ’آءٌ آڪاش مان پرگھٽ ٿيو آهيان؟‘“


جڏهن تهوار جا اڌ جيترا ڏينهن گذريا تہ يسوع هيڪل ۾ اچي سکيا ڏيڻ لڳو.


يسوع کين وراڻيو تہ ”جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي شاهدي پاڻ ٿو ڏيان، تہ بہ منهنجي شاهدي سچي آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ ڪٿان آيو آهيان ۽ ڪيڏانهن وڃان ٿو. پر اوهين اها ڳالهہ نہ ٿا ڄاڻو.


جيڪڏهن آءٌ فيصلو ڪريان بہ تہ منهنجو فيصلو سچو هوندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اڪيلو اهو ڪم نہ ٿو ڪريان پر منهنجو پتا، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو بہ مون ساڻ آهي.


تنهن تي انهن پڇيس تہ ”تنهنجو پتا ڪٿي آهي؟“ يسوع کين وراڻيو تہ ”اوهين نہ مون کي سڃاڻو ٿا، نڪي منهنجي پتا کي. جيڪڏهن اوهين مون کي سڃاڻو ها تہ منهنجي پتا کي بہ سڃاڻو ها.“


مون وٽ اوهان بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جن مان اوهين ڏوهاري ثابت ٿيندا. پر آءٌ رڳو اهي ئي ڳالهيون سنسار کي ٻڌايان ٿو، جيڪي مون انهيءَ کان ٻڌيون آهن جنهن مون کي موڪليو آهي ۽ اهو سچو آهي.“


يسوع انهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن ايشور اوهان جو پتا هجي ها تہ اوهين مون سان پيار ڪريو ها، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ايشور وٽان آيو آهيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آهيان پر هن مون کي موڪليو آهي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور موسيٰ سان ڳالهايو هو، پر انهيءَ شخص بابت اسان کي ڪابہ سڌ نہ آهي تہ هو ڪٿان آيو آهي.“


جيڪو مون گھمندي گھمندي اوهان جي ڀڳتيءَ وارين شين تي غور ڪري ڏٺو آهي. مون ٻليدان واري هڪڙي جاءِ ڏٺي جنهن تي لکيل هو تہ ’اڻڄاتل ديوتا جي لاءِ.‘ سو اوهين ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان سواءِ جنهن جي ڀڳتي ٿا ڪريو، تنهن جي ئي آءٌ اوهان کي خبر ٿو ڏيان.


جهڙيءَ طرح هنن ايشور کي مڃڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح ايشور بہ کين گندي سوچ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي وڃي نالائقيءَ وارا ڪم ڪن.


بلڪل نہ. ايشور هر حال ۾ سچو آهي توڙي جو هر انسان ڪوڙو هجي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اي ايشور! تون هميشہ پنهنجي وچنن ۾ سچو ثابت ٿيو آهين، ۽ عدالت ۾ تو سوڀ حاصل ڪئي آهي.“


ڏسو، ايشور جيڪو وچن جو سچو آهي، سو منهنجو شاهد آهي تہ اوهان سان اسان جو وچن جيڪڏهن ”ها“ ۾ آهي تہ انهيءَ ۾ ”نہ“ شامل نہ آهي.


اسين پرچار انهيءَ لاءِ ڪريون ٿا جو جنهن ايشور فرمايو تہ ”اونداهيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنهن پنهنجي روشني اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن سندس مهانتا کي ڄاتو وڃي جيڪا يسوع مسيح جي چهري مان چمڪي ٿي.


انهيءَ وشواس رکڻ ۽ سچائيءَ جي ڄاڻ مان انهن ۾ هي ڀروسو پيدا ٿو ٿئي تہ کين امر جيون مليو آهي. ايشور، جيڪو ڪوڙ ڳالهائي نہ ٿو سگھي، تنهن سنسار جي شروعات کان ئي انهيءَ جيون جو وچن ڪيو آهي.


سو ايشور جو وچن ۽ قسم ٻئي اهڙيون شيون آهن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ ايشور جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي. ايشور اهو انهيءَ ڪري ڪيو تہ اسين جيڪي بچاءَ واسطي سندس شرڻ ۾ اچڻ لاءِ ڊوڙيا آهيون، سي پڪيءَ طرح خاطري ڪري انهيءَ اميد تي قائم رهون جيڪا اسان کي ڏيکاري ويئي آهي.


جيڪو ايشور جي پٽ تي وشواس رکي ٿو، سو دل سان اها شاهدي قبول ڪري ٿو. پر جيڪو انهيءَ کي قبول نہ ٿو ڪري سو ڄڻ تہ ايشور کي ڪوڙو ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ هو ايشور جي انهيءَ شاهديءَ تي يقين نہ ٿو ڪري، جيڪا سندس پٽ جي حق ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ