Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:26 - Hindu Sindhi Bible

26 ڏسو، هو تہ کُلي‌عام ڳالهائي رهيو آهي، پر ڪوبہ کيس ڪجھہ نہ ٿو چوي. ڇا هاڻي اهي سچ پچ اهو سمجھن ٿا تہ اهو ئي مسيح آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ ڏسو، هو کُليو کُلايو بيٺو ڳالهائي، ۽ اُهي ڪي ڪين ٿا چوَنس. ائين آهي ڇا تہ سردار سچ پچ ڀانئين ٿا تہ هيءُ مسيح آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 ڏسو، هو تہ کُلي‌عام ڳالهائي رهيو آهي، پر ڪوبہ کيس ڪجھہ نہ ٿو چوي. ڇا هاڻي اهي سچ پچ اهو سمجھن ٿا تہ اهو ئي مسيح آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 ڏسو، ھو تہ کُلي عام ڳالھائي رھيو آھي، پر ڪوبہ کيس ڪجھہ نہ ٿو چوي. ڇا حاڪم سچ⁠پچ اھو سمجھن ٿا تہ ھو مسيح آھي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:26
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ فريسين پنهنجن چيلن سان گڏ هيروديس جي حمايت ڪندڙن مان ڪن ماڻهن کي يسوع ڏانهن موڪليو، جن اچي کيس چيو تہ ”اي گرو! اسان کي سڌ آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ حق سچ مطابق ايشور جو رستو ٿا ڏيکاريو. اوهين ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيک‌ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.


تڏهن پلاطس سردار ڪاهنن، يهودي پئنچائت جي ٻين اڳواڻن ۽ عام ماڻهن کي سڏائي گڏ ڪيو.


پر فريسين ۽ نيم شاسترين يوحنا کان بپتسما نہ وٺندي پنهنجي طرفان ايشور جي ارادي کي رد ڪري ڇڏيو.


تنهن هوندي بہ ڪيترن ئي يهودي اڳواڻن يسوع تي وشواس آندو، پر فريسين جي ڪري اهي کُليءَ طرح اقرار نہ پيا ڪن، تہ متان کين ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي نہ ڏيئي ڇڏين.


يسوع وراڻيس تہ ”مون سنسار سان کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. آءٌ هميشہ ڀڳتيءَ وارين جاين ۽ هيڪل ۾ سکيا ڏيندو رهيو آهيان، جتي سڀ ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. مون ڳجھيءَ طور ڪابہ ڳالهہ نہ چئي آهي.


نيڪديمس نالي هڪڙو فريسي هو، جيڪو يهودين جي ڌرمي اڳواڻن مان هڪ هو.


”هلو ۽ هڪ شخص تہ ڏسو، جنهن اهو سڀ ڪجھہ ٻڌايو جيڪي مون ڪيو آهي. ڇا اهو مسيح تہ نہ آهي؟“


انهيءَ مهل يروشلم جا ڪي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”ڇا هي اهو ماڻهو تہ نہ آهي جنهن کي اڳواڻ مارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن؟


اتي موجود ماڻهن مان ڪيترا ئي مٿس وشواس آڻيندي چوڻ لڳا تہ ”اهو ئي مسيح آهي، ڇاڪاڻ تہ هن کان وڌيڪ چمتڪار ٻيو ڪو ڪري سگھندو ڇا؟“


ڇا يهودي اڳواڻن ۽ اسان فريسين مان ڪنهن بہ مٿس وشواس آندو آهي؟


سندس ماتا پتا يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان ائين چيو، ڇاڪاڻ تہ انهن اڳي ئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪو بہ ماڻهو يسوع کي مسيح ڪري مڃيندو تنهن کي هو پنهنجي ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا.


اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري سکيا هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو يسوع جا ساٿي آهن.


ان کان علاوہ منهنجي قيد هجڻ ڪري گھڻن وشواسين جو پرڀو يسوع ۾ ڀروسو ايتري قدر وڌي ويو آهي جو اهي وڌيڪ همت ۽ بي‌خوفيءَ سان مسيح بابت سنديش ٻڌائين ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ