Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:23 - Hindu Sindhi Bible

23 هاڻ جيڪڏهن سبت جي ڏينهن تي ڪنهن ڇوڪري جي ختني ڪرائڻ ڪري موسيٰ جي نيم جي ڀڃڪڙي نہ ٿي ٿئي، تہ پوءِ اوهين مون تي ڇو ڪاوڙيا آهيو جو مون هڪڙي ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن تي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو سبت جي ڏينهن ختنو ڪرائڻ ڪري موسيٰ جي شريعت جو حڪم نٿو ڀڄي؛ تہ پوءِ مون سان ڇو ڪاوڙيا آهيو، جو مون هڪڙي ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن سڄو سارو ڪري ڇڏيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 هاڻ جيڪڏهن سبت جي ڏينهن تي ڪنهن ڇوڪري جي طهر ڪرائڻ ڪري موسيٰ جي شريعت جي ڀڃڪڙي نہ ٿي ٿئي، تہ پوءِ اوهين مون تي ڇو ڪاوڙيا آهيو جو مون هڪڙي ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن تي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 جيڪڏھن سبت جي ڏينھن تي ڪنھن ڇوڪري جي طھر ڪرائڻ ڪري موسيٰ جي شريعت جي ڀڃڪڙي نہ ٿي ٿئي، تہ پوءِ اوھين مون تي ڇو ڪاوڙيا آھيو جو مون ھڪڙي ماڻھوءَ کي سبت جي ڏينھن تي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آھي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:23
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي هڪڙو سڪل هٿ وارو ماڻهو هو. ڪي اهڙا فريسي بہ موجود هئا جيڪي چاهين پيا تہ يسوع ڪو غلط ڪم ڪري تہ مٿس تهمت هڻن. سو انهن پڇيس تہ ”ڇا سبت جي ڏينهن ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ جائز آهي؟“


تڏهن فريسين اهو ڏسي يسوع کي چيو تہ ”ڏسو، اوهان جا چيلا اهو ڪم ڪن ٿا جيڪو سبت جي ڏينهن تي ڪرڻ جائز نہ آهي.“


ڇا اوهان نيم شاستر ۾ نہ پڙهيو آهي تہ هيڪل ۾ توڙي جو ڪاهن سبت جي ڏينهن جي پرهيز نہ ٿا رکن تہ بہ ڏوهي نہ ٿا ليکجن؟


تنهنڪري جيڪو ماڻهو ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن کي يهودي اڳواڻ چوڻ لڳا تہ ”اڄ سبت آهي، سو تو کي کٽولو کڻڻ جائز نہ آهي.“


يسوع چين تہ ”مون سبت جي ڏينهن تي هڪڙو ڪم ڪيو هو تہ اوهين سڀ انهيءَ تي حيران ٿي ويا هئا.


تنهن تي فريسين مان ڪن چيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ هي ڪم ڪيو آهي سو ايشور جي طرفان ٿي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ هن سبت جي ڏينهن کي نہ مڃيو آهي.“ پر ٻين چيو تہ ”جيڪو پاپي آهي سو اهڙا چمتڪار ڪيئن ٿو ڪري سگھي.“ تنهنڪري انهن ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ