Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:9 - Hindu Sindhi Bible

9 ”هتي هڪ ڇوڪرو آهي، جنهن کي جَوَن جون پنج روٽيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن. پر ڇا اهي هنن سڀني ماڻهن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 هتي هڪڙو ڇوڪرو آهي، جنهن وٽ جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن، پر اهي ايترن ماڻهن ۾ ڇا ٿينديون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ”هتي هڪ ڇوڪرو آهي، جنهن کي جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن. پر ڇا اهي هنن سڀني ماڻهن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 ”ھتي ھڪ ڇوڪرو آھي، جنھن کي جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آھن. پر ڇا اھي ھنن سڀني ماڻھن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:9
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي انهن چيس تہ ”اسان وٽ پنجن روٽين ۽ ٻن مڇين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونهي.“


اڃا تائين اوهين نہ ٿا سمجھو؟ ڇا اوهان کي ياد نہ آهي تہ اوهان پنج روٽيون پنج هزار ماڻهن ۾ ورهايون هيون؟ ان وقت اوهان بچيل ڳڀن جون ڪيتريون کاريون ڀريون هيون؟


تنهن تي يسوع کين چيو تہ ”وڃي ڏسو تہ اوهان وٽ ڪيتريون روٽيون آهن؟“ انهن وڃي ڏٺو ۽ اچي کيس ٻڌايائون تہ ”اسان وٽ پنج روٽيون ۽ ٻہ مڇيون آهن.“


جڏهن مون پنج روٽيون ڀڃي پنج هزار ماڻهن کي ڏنيون تہ ان وقت اوهان ڪيتريون کاريون اوبر جي بچيل ٽڪرن جون ڀري کنيون هيون؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ٻارهن کاريون.“


پر يسوع چيلن کي چيو تہ ”اوهين ئي کائڻ لاءِ ڏيونِ.“ تنهن تي چيلن وراڻيس تہ ”اسان وٽ تہ پنجن روٽين ۽ ٻن مڇين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونهي. باقي جيڪڏهن اوهين چئو تہ اسين هيڏي وڏي ميڙ لاءِ وڃي کاڌو خريد ڪري اچون.“


مارٿا يسوع کي چيو تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن اوهين هتي هجو ها تہ منهنجو ڀاءُ نہ مري ها.


جڏهن مريم يسوع وٽ پهتي ۽ هن کي ڏٺائين تہ پيرن تي ڪري پيس ۽ چيائينس تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن اوهين هتي هجو ها تہ منهنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ها.“


پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”جيڪي مڇيون هينئر ماريون اٿوَ تن مان ڪجھہ کڻي اچو.“


پوءِ يسوع روٽي کڻي انهن کي ڏني ۽ کين مڇي بہ ڏنائين.


جڏهن اهي سڪيءَ تي پهتا تہ هنن ٽانڊن جي باهہ تي مڇي پيل ڏٺي ۽ اتي روٽي بہ رکيل هئي.


پوءِ يسوع اهي روٽيون کڻي ايشور جو شڪر ادا ڪيو ۽ ويٺل ماڻهن ۾ ورهايائين. هن مڇي بہ ائين ئي ورهائي ۽ سڀني ماڻهن کي ايترو مليو جيترو کين کپندو هو.


تنهن تي فلپس وراڻيس تہ ”جيڪڏهن هر هڪ کي ٽڪر ڳڀو ئي ڏجي، تہ بہ انهن لاءِ ٻہ سؤ چانديءَ جي سڪن جون روٽيون پوريون نہ پونديون.“


ڏسو، اسان جي پرڀو يسوع مسيح اوهان سان ڪيڏي نہ سخاوت ڪئي آهي جو جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تڏهن بہ اوهان جي خاطر غريب بڻيو، تہ جيئن سندس غريب ٿي وڃڻ جي ڪري اوهين دولتمند ٿي وڃو. اهو تہ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.


مون ڄڻ تہ چئني ساهوارن جي وچ مان هي آواز ٻڌو تہ ”ڏڪار پيدا ڪر تہ جيئن هڪ ڏينهن جي مزدوريءَ جي عيوض رڳو هڪ ڪلوگرام ڪڻڪ يا ٽي ڪلوگرام جَوَ ٿين. پر زيتون جي تيل ۽ مئي کي زيان نہ ڪر.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ