Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:7 - Hindu Sindhi Bible

7 تنهن تي فلپس وراڻيس تہ ”جيڪڏهن هر هڪ کي ٽڪر ڳڀو ئي ڏجي، تہ بہ انهن لاءِ ٻہ سؤ چانديءَ جي سڪن جون روٽيون پوريون نہ پونديون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 فلپس هن کي جواب ڏنو، تہ هڪڙي هڪڙي کي ٿورو کائڻ لاءِ ملي، تہ بہ اُنهن لاءِ ٻن سون دينارن جون مانيون پوريون نہ ٿينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تنهن تي فلپس وراڻيس تہ ”جيڪڏهن هر هڪ کي ٽڪر ڳڀو ئي ڏجي، تہ بہ انهن لاءِ ٻہ سؤ چانديءَ جي سڪن جون مانيون پوريون نہ پونديون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 تنھن تي فلپس وراڻيس تہ ”جيڪڏھن ھرھڪ کي ٽڪر ڳڀو ئي ڏجي، تہ بہ انھن لاءِ ٻہ ⁠سؤ چانديءَ جي سڪن جون مانيون پوريون نہ پونديون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:7
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن اهو نوڪر ٻاهر نڪتو تہ پنهنجو هڪ ساٿي نوڪر مليس جنهن ڏانهن هن جا هڪ سؤ چانديءَ جا سڪا قرض هئا. هن انهيءَ کي جھلي ڳچيءَ کان وٺي چيس تہ ’مون کي منهنجو قرض واپس ڏي.‘


پر يسوع چين تہ ”اوهين ئي هنن کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيو.“ تڏهن چيلن پڇيس تہ ”ڇا اوهان جي مرضي آهي تہ اسين وڃي چانديءَ جي ٻہ سؤ سڪن جي روٽي وٺي اچون ۽ هنن کي کارايون؟“


ٻئي ڏينهن تي يسوع گليل علائقي ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. اتي پهچي هو فلپس سان مليو ۽ کيس چيائين تہ ”منهنجي پٺيان هل.“


فلپس بيت‌صيدا شهر جو ويٺل هو، جتي اندرياس ۽ پطرس بہ رهندا هئا.


فلپس نٿن‌ايل سان وڃي مليو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”جنهن بابت موسيٰ پنهنجي شاستر ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن پڻ لکيو آهي، سو اسان کي ملي ويو آهي. اهو يوسف جو پٽ يسوع آهي، جيڪو ناصرت ڳوٺ جو آهي.“


نٿن‌ايل هن کي چيو تہ ”ناصرت مان بہ ڪا چڱي شيءِ نڪري سگھي ٿي ڇا؟“ تنهن تي فلپس چيس تہ ”ڀلا هلي ڏس.“


تڏهن نٿن‌ايل کانئس پڇيو تہ ”اوهين مون کي ڪيئن ٿا سڃاڻو؟“ يسوع وراڻيس تہ ”فلپس جي تو کي سڏي اچڻ کان اڳ ۾ مون تو کي انجير جي وڻ هيٺان ڏٺو هو.“


تنهن چيو تہ ”ڇو نہ هي عطر ٽي سؤ چانديءَ جي سڪن ۾ وڪڻي غريبن کي دان ڏجي ها.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ