Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:68 - Hindu Sindhi Bible

68 شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اي پرڀو! اوهان کي ڇڏي ڪنهن ڏانهن وينداسون؟ اوهان وٽ اهي ڳالهيون آهن جن ۾ امر جيون آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

68 شمعون پطرس جواب ڏنس، تہ اي خداوند، اسين ڪنهن وٽ وڃون؟ هميشہ جي زندگيءَ جون ڳالهيون تہ تو وٽ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

68 شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اي خداوند! اوهان کي ڇڏي ڪنهن ڏانهن وينداسون؟ اوهان وٽ اهي ڳالهيون آهن جن ۾ دائمي زندگي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

68 شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اي خداوند! اوھان کي ڇڏي ڪنھن ڏانھن وينداسون؟ اوھان وٽ اھي ڳالھيون آھن جن ۾ دائمي زندگي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:68
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اوهين مسيح آهيو، جيوت ايشور جا پٽ.“


پوءِ يسوع وري پڇين تہ ”اوهين منهنجي لاءِ ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ تنهن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”اوهين مسيح آهيو.“


هن چيلن کان پڇيو تہ ”اوهين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ تنهن تي پطرس چيس تہ ”تون ايشور جو مسيح آهين.“


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪي مون ڳالهايو آهي سو پنهنجي طرفان نہ، پر پتا جي طرفان ڳالهايو اٿم، جنهن مون کي موڪليو آهي. انهيءَ ئي مون کي حڪم ڏنو آهي تہ مون کي ڇا ڇا چوڻ ۽ ڳالهائڻ گھرجي.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ هن جو حڪم امر جيون ڏئي ٿو. تنهنڪري جيڪي ڪجھہ آءٌ چوان ٿو، سو اهو ئي آهي جيڪو پتا مون کي ٻڌائڻ لاءِ چيو آهي.“


جيڪو سنديش تو مون کي ڏنو، سو مون انهن تائين پهچايو آهي ۽ انهن اهو قبول ڪيو آهي. انهن اها حقيقت ڄاڻي ورتي آهي تہ آءٌ تو وٽان آيو آهيان، بلڪ سندن وشواس آهي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجيون ڳالهيون ٻڌي ٿو ۽ جنهن مون کي موڪليو آهي انهيءَ تي وشواس رکي ٿو، تنهن جو جيون امر آهي ۽ هو پاپي قرار نہ ڏنو ويندو، بلڪ هو موت مان نڪري جيون ۾ داخل ٿي چڪو آهي.


هائو، منهنجي پتا جي اها مرضي آهي تہ جيڪو بہ سندس پٽ کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس وشواس ٿو آڻي، تنهن کي امر جيون ملي. سو آءٌ کيس انتم ڏينهن تي وري جيوت ڪري اٿاريندس.“


جيون ڏيڻ واري تہ آتما آهي، شرير ڪابہ شيءِ ڪانهي. هاڻ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي ٻڌايون آهن سي آتما آهن ۽ جيون بہ.


اي ابرهام جو اولاد، منهنجا هم‌قوم بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوهين اي ايشور ڀڳت غير يهوديؤ! انهيءَ مڪتيءَ وارو سنديش اسان سڀني ڏانهن موڪليو ويو آهي.


ڪنهن بہ ٻئي جي هٿ ۾ مڪتي نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ آڪاش جي هيٺان ماڻهن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونهي جنهن جي وسيلي اسان کي مڪتي ملي.“


”وڃو ۽ هيڪل ۾ بيهي ماڻهن کي هن نئين جيون بابت سڀ ڪجھہ ٻڌايو.“


هي اهو ئي آهي، جنهن بيابان ۾ سڄي بني اسرائيل کي آڻي گڏ ڪيو. اتي هو اسان جي ابن ڏاڏن ۽ انهيءَ دوت جو وچ وارو بڻيو، جنهن ساڻس سينا جبل تي ڳالهايو هو. هي اهو ئي آهي جنهن کي جيون ڏيندڙ وچن مليو، انهيءَ لاءِ تہ اهو اسان تائين پهچائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ