Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:50 - Hindu Sindhi Bible

50 پر جيڪا حقيقي روٽي آڪاش مان پرگھٽ ٿئي ٿي، سا اهڙي آهي جنهن کي جيڪو بہ کائيندو سو نہ مرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

50 هيءَ اُها ماني آهي، جا آسمان مان لهي ٿي، تہ ماڻهو اُن مان کائي ۽ مري نہ وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

50 پر جيڪا حقيقي ماني آسمان مان نازل ٿئي ٿي، سا اهڙي آهي جنهن کي جيڪو بہ کائيندو سو نہ مرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

50 پر جيڪا ماني آسمان مان نازل ٿئي ٿي، سا اھڙي آھي جنھن کي جيڪو بہ کائيندو سو نہ مرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:50
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪوبہ آڪاش ڏانهن مٿي چڙهي نہ ويو آهي. رڳو هڪڙو ئي آهي جيڪو آڪاش مان آيو آهي، يعني منش‌پتر.


جيڪو بہ پٽ تي وشواس آڻي ٿو، تنهن کي امر جيون مليل آهي. پر جيڪو پٽ کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي اهو جيون ڪڏهن بہ نہ ملندو، اٽلندو ايشور جو ڏمر مٿس رهي ٿو.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجيون ڳالهيون ٻڌي ٿو ۽ جنهن مون کي موڪليو آهي انهيءَ تي وشواس رکي ٿو، تنهن جو جيون امر آهي ۽ هو پاپي قرار نہ ڏنو ويندو، بلڪ هو موت مان نڪري جيون ۾ داخل ٿي چڪو آهي.


هائو، اها روٽي جيڪا ايشور ڏئي ٿو سا آڪاش مان پرگھٽ ٿئي ٿي ۽ سنسار کي جيون ڏئي ٿي.“


انهن چيو تہ ”ڇا هي اهو يسوع نہ آهي جيڪو يوسف جو پٽ آهي؟ اسين تہ سندس ماتا پتا کي بہ سڃاڻون ٿا. پوءِ هي هاڻي ڪيئن ٿو چوي تہ ’آءٌ آڪاش مان پرگھٽ ٿيو آهيان؟‘“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ مون تي وشواس آڻي ٿو تنهن جو ئي جيون امر آهي.


آءٌ اها جيوت روٽي آهيان جيڪا آڪاش مان پرگھٽ ٿي آهي. جيڪڏهن ڪو هن روٽيءَ مان کائيندو تہ اهو هميشہ جيوت رهندو. جيڪا روٽي آءٌ ڏيندس سا منهنجو ماس آهي، جيڪو آءٌ ڏيان ٿو تہ جيئن هن سنسار کي جيون ملي.“


هيءَ اها حقيقي روٽي آهي جيڪا آڪاش مان پرگھٽ ٿي آهي. هيءَ روٽي اهڙي نہ آهي جهڙي اوهان جي ابن ڏاڏن کاڌي ۽ مري ويا. پر جيڪو هيءَ روٽي کائيندو سو هميشہ جيوت رهندو.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي ڳالهين تي عمل ڪري ٿو سو ڪڏهن بہ نہ مرندو.“


پر جيڪڏهن مسيح اوهان ۾ آهي، پوءِ توڙي جو پاپ جي ڪري اوهان جو شرير مئل آهي، تڏهن بہ ايشور ڏانهن سچار هئڻ ڪري جيون بخشيندڙ پوِتر آتما اوهان ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ