Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:30 - Hindu Sindhi Bible

30 تنهن تي انهن چيس تہ ”پوءِ اوهين اسان کي ايشور طرفان ڪهڙي نشاني ٿا ڏيکاريو، جنهن کي ڏسي اسين اوهان تي وشواس آڻيون؟ اوهين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 تنهن تي هنن چيس، تہ پوءِ تون اسان کي ڪهڙي نشاني ٿو ڏيکارين تہ اسين ڏسي توکي قبول ڪريون؟ تون ڪهڙو ڪم ٿو ڪرين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 تنهن تي انهن چيس تہ ”پوءِ اوهين اسان کي ڪهڙي خدائي نشاني ٿا ڏيکاريو، جنهن کي ڏسي اسين اوهان تي ايمان آڻيون؟ اوهين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 تنھن تي انھن پڇيس تہ ”پوءِ اوھين اسان کي ڪھڙو معجزو ٿا ڏيکاريو، جنھن کي ڏسي اسين اوھان تي ايمان آڻيون؟ اوھين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:30
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي ڏسون تہ هي مسيح، بني اسرائيل جو راجا، ڪيئن ٿو سوليءَ تان هيٺ لهي اچي، تہ پوءِ اسين بہ ٿا مٿس وشواس آڻيون.“ يسوع سان گڏ جيڪي ماڻهو سوليءَ تي چڙهيل هئا، تن بہ مٿس ٺٺوليون پئي ڪيون.


اتي ڪي فريسي يسوع وٽ آيا ۽ کيس آزمائڻ لاءِ ساڻس بحث ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اسان کي ثابتيءَ لاءِ ڪا آڪاشي نشاني ڏيکار.“


جيتوڻيڪ اوهين مون تي يقين نہ ٿا ڪريو، تڏهن بہ منهنجي انهن ڪمن تي تہ يقين ڪريو جيڪي آءٌ پتا جي طرفان ڪريان ٿو، تہ جيئن اوهين اها حقيقت ڄاڻي وٺو تہ پتا مون ۾ آهي ۽ آءٌ پتا ۾ آهيان.“


جيتوڻيڪ يسوع ماڻهن جي اڳيان هيترا چمتڪار ڪيا هئا تہ بہ گھڻن ئي مٿس وشواس نہ آندو هو.


تڏهن يهودي اڳواڻن کيس چيو تہ ”تو کي ڪهڙو حق آهي جو تون ائين ڪرين ٿو؟ ثابتيءَ لاءِ ايشور طرفان ڪا نشاني ڏيکار.“


يسوع جو اهو چمتڪار ڏسي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”سچ پچ هي ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو سنت آهي، جيڪو هن سنسار ۾ اچڻو آهي.“


تڏهن هڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان هلڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هنن اهي چمتڪار ڏٺا هئا جن ۾ هن ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو.


اوهين مون کي ڏسو ٿا پوءِ بہ وشواس نہ ٿا آڻيو. اهو آءٌ اڳ ۾ بہ اوهان کي چئي چڪو آهيان.


تون ماڻهن کي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ اسان تي پنهنجو هٿ رک ۽ اسان جي وسيلي پنهنجي پوِتر داس يسوع جي نالي تي چمتڪار ۽ ڪرامتون ڏيکار.“


يهودي تہ ثابتيءَ لاءِ چمتڪار گھرندا آهن، جڏهن تہ يوناني ڏاهپ جا ڳولائو هوندا آهن.


ايشور بہ نشانين، ڪرامتن ۽ طرح طرح جي چمتڪارن سان ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب پوِتر آتما جا وردان ماڻهن ۾ ورهائيندي انهيءَ مڪتيءَ جي شاهدي ڏيندو رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ